Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهن اوڻونجاهہ سالن کان پوءِ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ يعني ڪفاري جي ڏينهن اوهين پنهنجي سڄي ملڪ ۾ نفيل وڄرائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تنهن کان پوءِ ستين مهيني جي ڏهين ڏينهن تون پنهنجي سڄي ملڪ ۾ تري وڄارائي پڌرائي ڪج؛ يعني ڪفاري جي ڏينهن اوهين پنهنجي سڄي ملڪ ۾ تري وڄارائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:9
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳي آهي اها قوم، جيڪا خوشيءَ جي نعري سان تنهنجي واکاڻ ڳائي ٿي. اي خداوند! اسين تنهنجي مهربانين سان زندگي گذاريون ٿا.


اسين تنهنجي نالي جي ڪري سڄو ڏينهن خوشيون ڪيون ٿا، ۽ تنهنجي ڪيل ڀلائيءَ جي ڪري بيحد خوش ٿيون ٿا.


انهيءَ ڏينهن وڏي آواز سان نفيل وڄائي ويندي، تان‌تہ اشور ۽ مصر ملڪ ۾ جلاوطن ٿيل سڀيئي بني اسرائيل موٽي اچن. سو اهي موٽي ايندا ۽ پاڪ جبل تي اڏيل شهر يروشلم ۾ اچي خداوند جي عبادت ڪندا.


”جڏهن هارون مقدس ترين جاءِ، قربان‌گاهہ ۽ مون خدا سان ملاقات واري پوري خيمي جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري وٺي، تڏهن هو اهو جيئرو ٻڪر آڻي پيش ڪري.


”اوهان جي لاءِ هي هميشہ جو قانون ٿيندو تہ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي اوهان مان هر ڪو ماڻهو، پوءِ اهو اوهان جي قوم مان هجي توڙي ڌاريو، پنهنجي پنهنجي نفس کي ماري ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪري.


انهيءَ ڏينهن اوهان کي پاڪ ٿيڻ جي لاءِ ڪفارو ادا ڪرڻو پوندو، تڏهن اوهين پنهنجن سڀني گناهن کان مون خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيندا.


بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ خاص آرام جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن جو اظهار نفيلون وڄائي ڪيو وڃي ۽ سڀيئي عبادت لاءِ گڏ ٿين.


”انهيءَ ستين مهيني جو ڏهون ڏينهن، ڪفاري جو ڏينهن آهي. سو انهيءَ ڏينهن اوهين عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ پنهنجي نفس کي مارجو ۽ مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪجو.


”اوهين پنهنجي لاءِ سبت وارن ستن سالن کي ستوڻو ڪري شمار ڪجو، جيڪي اوڻونجاهہ سال ٿيندا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻني بحاليءَ جي سال کان وٺي وقف ڪري تہ جيڪا قيمت انهيءَ جي مقرر ڪئي وڃي، سا ئي رهندي.


بحاليءَ جي سال ۾ اها ٻني موٽي پنهنجي اصلي ميراث واري مالڪ کي ملندي.


اوهين پنهنجي خوشيءَ جي وقت، پنهنجن مقرر ٿيل عيدن تي ۽ نئين چنڊ وارن ڏينهن تي، پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين تي توتارا وڄائجو. اهي مون خداوند جي حضور ۾ اوهان کي ياد رکڻ جو سبب بڻبا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


بني اسرائيل جي جشن واري سال ۾ صلافحاد جي ڌيئرن جي جائداد انهيءَ قبيلي ۾ مستقل طور تي شامل ڪئي ويندي جنهن ۾ هو پرڻبيون. اهڙيءَ طرح اسان جي ابن ڏاڏن جي قبيلي مان انهن جو ورثو نڪري ويندو.“


پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل وارن پيغام نہ ٻڌو؟ بيشڪ ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ٻڌائڻ وارن جو آواز سڄي روءِزمين تي پکڙجي ويو، هائو، انهن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پهتو.“


اهي ڪم ڪرامتن ۽ معجزن جي طاقت وسيلي يعني پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي مناديءَ واري خدمت پوري ڪري ڇڏي آهي.


اهڙيءَ طرح مڪدُنيا ۽ اخيا کان ٻاهر بہ اوهان جي ڪري خداوند عيسيٰ بابت پيغام ڦهليو آهي. هائو، اوهان جو خدا تي ايمان هر هنڌ ايڏو تہ مشهور ٿي ويو آهي جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي.


ست ڪاهن صندوق جي اڳيان گھٽن جي سڱن جون ست نفيلون کڻي هلن. ستين ڏينهن تي اوهين شهر کي چوڌاري ست ڦيرا ڏجو ۽ ڪاهن نفيلون وڄائيندا هلن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ