Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:50 - Muslim Sindhi Bible

50 تڏهن سندس خريدار ۽ هو پاڻ وڪري جي وقت کان وٺي ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين سالن جو حساب ڪن ۽ باقي رهيل سالن لاءِ هڪ مزدور جي مزدوريءَ جي حساب سان ٺهندڙ رقم خريدار کي ڏيئي پاڻ کي ڇڏائي سگھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

50 ۽ جنهن سال ۾ هن پاڻ کي وڪيو هجي، تنهن کان وٺي جشن جي سال تائين هو پنهنجي خريدار سان حساب ڪري: هن جي قيمت ورهين جي شمار موجب ٿيندي؛ يعني مزور جي ڏينهن جي حساب موجب هو انهي وٽ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:50
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو تون پنهنجي نظر هن کان هٽاءِ، تہ جيئن گھٽ ۾ گھٽ هن کي آرام تہ ملي سگھي، هائو، هو مزدور وانگر پورهيو ڪندي ڪا گھڙي آرام تہ وٺي.


هاڻي انهيءَ بابت خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”جيئن مزدورن جي ڪم ڪرڻ لاءِ وقت مقرر هوندو آهي، تيئن ٽن سالن جي وقت اندر ئي موآب جو شان وَ شوڪت انهيءَ جي رهاڪن سميت ختم ڪيو ويندو. انهيءَ جا اڪثر ماڻهو ختم ٿي ويندا ۽ باقي ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچندا، سي بہ نہ هجڻ جي برابر هوندا.“


پوءِ پروردگار مون کي فرمايو تہ ”ڏس، اڄ کان هڪ سال جي اندر اندر سندن دشمن قيدار جو سمورو شان وَ شوڪت ختم ڪيو ويندو.


پر جيڪڏهن هن وٽ پنهنجي ملڪيت موٽائي وٺڻ جيتري رقم نہ هجي، تہ پوءِ وڪاميل ملڪيت ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين خريدار جي قبضي ۾ رهندي. بحاليءَ جي سال ۾ اها ڇڏائجي ويندي، پوءِ اصلي مالڪ پنهنجي ملڪيت جو وري وڃي مالڪ ٿيندو.


بلڪ هو اوهان وٽ مزدور يا مسافر وانگر رهي. هو بحاليءَ جي سال تائين اوهان جي خدمت ڪري.


هن جو چاچو، ڪو سؤٽ يا سندس خاندان مان ڪوبہ ويجھو مائٽ هن کي ڇڏائي ٿو سگھي، يا وري جي هو پاڻ شاهوڪار ٿي وڃي تہ پاڻ کي ڇڏائي ٿو سگھي.


بحاليءَ جي سال تائين جيترا بہ سال باقي رهيل هجن، گھڻا توڙي ٿورا، مطلب تہ انهن سالن جي حساب موجب هو پنهنجي ڇڏائڻ جي قيمت موٽائي ڏئي جنهن ۾ هو وڪاڻو هجي.


تيستائين هو انهيءَ نوڪر وانگر پنهنجي مالڪ وٽ رهندو اچي، جنهن جي اجرت سال بسال مقرر ڪبي آهي. اوهان کي اهو خيال رکڻ گھرجي تہ هن جو مالڪ مٿس سختيءَ سان حڪم نہ هلائي.


جڏهن اوهين ٻانهي کي آزاد ڪري وڃڻ ڏيو، تڏهن اوهين انهيءَ ڳالهہ کي ڏکيو نہ سمجھجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڇهن سالن تائين ٻن مزدورن جيتري اوهان جي خدمت ڪئي آهي. ائين ڪرڻ ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجھندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ