Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:48 - Muslim Sindhi Bible

48 تہ ان حالت ۾ کيس پاڻ ڇڏائڻ جو حق رهندو. سو سندس مائٽن مان ڪوبہ عيوضو ڏيئي انهيءَ کي ڇڏائي ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 تہ انهي جي وڪامڻ کان پوءِ سندس ڀائرن مان ڪوبہ انهي کي ڇڏائي ٿو سگهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:48
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي عورت اليشع وٽ آئي جنهن جو مڙس نبين جي ٽولي مان هو ۽ مري ويو هو. انهيءَ عورت اليشع کي چيو تہ ”اوهان جو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي! توهان کي خبر آهي تہ هو خدا جو خوف رکڻ وارو ماڻهو هو. پر هاڻ انهيءَ جو هڪڙو لهڻيدار آيو آهي، جيڪو پنهنجي قرض ۾ منهنجا ٻہ پٽ غلام ڪري وٺي وڃڻ چاهي ٿو.“


جيتوڻيڪ اسين پنهنجي هم‌وطنن جو هڏ رت آهيون ۽ اسان جا ٻار بہ هنن جي ٻارن جهڙا آهن، تنهن هوندي بہ اسان کي پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئرون غلاميءَ ۾ ڏيڻيون ٿيون پون. اسان جون ڪي ڌيئر تہ اڳي ئي غلاميءَ ۾ آهن، پر کين ڇڏائڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، ڇوجو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا انگورن جا باغ ٻين جي حوالي آهن.“


مون کين چيو تہ ”جيتري قدر ٿي سگھيو آهي تہ اسان پنهنجن ڪن يهودين کي پئسن سان ڇڏايو آهي، جيڪي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا. هاڻ وري اوهين کين پاڻ وٽ گروي رکڻ ٿا گھرو.“ تڏهن هنن کڻي ماٺ ڪئي ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪڇيائون.


جيڪڏهن اوهان جي قوم جو ڪو ماڻهو غريب ٿي ويو هجي ۽ پنهنجي ملڪيت مان ڪجھہ زمين وڪڻي ڇڏي، تہ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز سندس اها ملڪيت ڇڏائي.


”جيڪڏهن بني اسرائيل مان اوهان جو ڪو هم‌قوم ماڻهو غريب يا محتاج ٿي پوي تہ اوهين انهيءَ جي مدد ڪجو، جيئن اوهين ڌارئي يا مسافر جي مدد ڪندا آهيو تہ جيئن هو اوهان منجھہ رهي سگھي.


جيڪڏهن اوهان ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو يا مسافر شاهوڪار ٿي وڃي ٿو ۽ بني اسرائيل مان اوهان جو ڪو هم‌قوم غريب ٿي پاڻ کي انهيءَ ڌارئي يا مسافر وٽ يا انهيءَ جي خاندان مان ڪنهن ٻئي وٽ غلام طور وڪڻي ٿو،


هن جو چاچو، ڪو سؤٽ يا سندس خاندان مان ڪوبہ ويجھو مائٽ هن کي ڇڏائي ٿو سگھي، يا وري جي هو پاڻ شاهوڪار ٿي وڃي تہ پاڻ کي ڇڏائي ٿو سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ