Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:47 - Muslim Sindhi Bible

47 جيڪڏهن اوهان ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو يا مسافر شاهوڪار ٿي وڃي ٿو ۽ بني اسرائيل مان اوهان جو ڪو هم‌قوم غريب ٿي پاڻ کي انهيءَ ڌارئي يا مسافر وٽ يا انهيءَ جي خاندان مان ڪنهن ٻئي وٽ غلام طور وڪڻي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

47 ۽ جيڪڏهن اوهان ۾ رهندڙ ڪو پرديسي يا مسافر شاهوڪار ٿئي، ۽ تنهنجو ڀاءُ جو انهيءَ سان گڏ رهندو هجي سو غريب ٿي پوي، ۽ اوهان ۾ رهندڙ انهي پرديسي يا مسافر وٽ، يا انهي جي خاندان مان ڪنهن ٻئي وٽ پاڻ کي وڪڻي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:47
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کين چيو تہ ”جيتري قدر ٿي سگھيو آهي تہ اسان پنهنجن ڪن يهودين کي پئسن سان ڇڏايو آهي، جيڪي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا. هاڻ وري اوهين کين پاڻ وٽ گروي رکڻ ٿا گھرو.“ تڏهن هنن کڻي ماٺ ڪئي ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪڇيائون.


جيڪڏهن اوهان جي قوم جو ڪو ماڻهو غريب ٿي ويو هجي ۽ پنهنجي ملڪيت مان ڪجھہ زمين وڪڻي ڇڏي، تہ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز سندس اها ملڪيت ڇڏائي.


پر جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ جو ڪوبہ اهڙو مائٽ نہ هجي جو اها ڇڏائي، تہ پوءِ جيڪڏهن هو پاڻ ايترو دولتمند ٿي وڃي جو اها ڇڏائي سگھي،


اوهين ڀلي انهن کي پنهنجي لاءِ ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي ٻارن لاءِ ميراث ڪري ڇڏجو، جيئن اهي انهن جي ملڪيت ٿين. اوهين انهن کي هميشہ جي لاءِ غلام رکي سگھندا، پر پنهنجي قوم بني اسرائيل مان اوهين هڪٻئي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو.


تہ ان حالت ۾ کيس پاڻ ڇڏائڻ جو حق رهندو. سو سندس مائٽن مان ڪوبہ عيوضو ڏيئي انهيءَ کي ڇڏائي ٿو سگھي.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ