Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:32 - Muslim Sindhi Bible

32 انهيءَ هوندي بہ لاوين کي اهو حق رهندو تہ هو پنهنجن مليل شهرن اندر پنهنجي ملڪيت وارا گھر ڪنهن بہ وقت ڇڏائي سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 انهي هوندي بہ لاوين جا شهر، ۽ انهن شهرن جا گهر، جي سندين ملڪيت هجن، سي لاوي ڪنهن بہ وقت ڇڏائي سگهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:32
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مختلف شهرن ۽ انهن جي پسگرداين ۾ هارون جي اولاد مان ڪجھہ ڪاهنن جا ڪٽنب رهندا هئا، تن لاءِ ڪي ماڻهو مقرر ڪيا ويا، جيڪي انهن ڪاهنن جي مردن کي سندن حصا پهچائي ڏيندا هئا. اهي مقرر ڪيل ماڻهو انهن لاوين کي جيڪي اتي رهندا هئا ۽ جن جا نالا نسب نامي ۾ داخل ٿيل هئا، تن سڀني کي بہ سندن حصا پهچائي ڏيندا هئا.


انهيءَ حصي مان لاوي ڪو ٽڪرو وڪڻي نہ سگھندا، نڪي مٽا سٽا ڪري سگھندا ۽ نہ وري انهيءَ زمين کي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري سگھندا، ڇاڪاڻ تہ اها خاص زمين مون خداوند لاءِ مخصوص هوندي.


پر جن ڳوٺن جي چوڌاري ڪوٽ ڏنل نہ هجي، تن ۾ جيڪي گھر هجن سي ٻهراڙيءَ جي ٻنين وانگر ليکيا ويندا. اهي ڇڏائي سگھبا ۽ بحاليءَ جي سال ۾ پاڻيهي ڇڏائجي ويندا.


تنهنڪري هر لاوي ڇڏائڻ واري پنهنجي انهيءَ حق کي استعمال ڪري يا لاوين جي ملڪيت واري شهر ۾ اهو وڪاميل گھر بحاليءَ جي سال ۾ ڇڏائي، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل منجھہ لاوين جي شهرن جا گھر لاوين جي ئي ملڪيت آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ