Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:24 - Muslim Sindhi Bible

24 سو اوهين پنهنجي هٿ ڪيل سڄي ملڪ ۾ وڪاميل زمين کي ڇڏائڻ وارو حق قبول ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 سو اوهين پنهنجي ملڪيت واري ملڪ ۾ زمين جو ڇڏائڻ منظور ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:24
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي يرمياہ! تنهنجي چاچي سلوم جو پٽ حنم‌ايل تو وٽ اچي تو کي چوندو تہ ’منهنجي ٻني جيڪا عنتوت شهر ۾ آهي، سا پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اباڻي ٻني هجڻ ڪري اها خريد ڪرڻ جو تنهنجو ئي حق آهي.‘“


بيشڪ وڪڻندڙ کي سڄي زندگيءَ ۾ اها شيءِ واپس ڪرڻ جو موقعو ئي نہ ملندو. منهنجو اهو فيصلو سڀني لاءِ آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ تبديلي ڪانہ ايندي. هائو، ڪوبہ بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندو.


”زمين هميشہ جي لاءِ نہ وڪي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اها منهنجي آهي ۽ اوهين مون وٽ رڳو مسافر ۽ مهمان آهيو.


جيڪڏهن اوهان جي قوم جو ڪو ماڻهو غريب ٿي ويو هجي ۽ پنهنجي ملڪيت مان ڪجھہ زمين وڪڻي ڇڏي، تہ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز سندس اها ملڪيت ڇڏائي.


تہ هو انهيءَ جي وڪري جا سال شمار ڪري ۽ ايندڙ بحاليءَ جي سال مان باقي رهيل سالن جي لاءِ واجب رقم انهيءَ ماڻهوءَ کي موٽائي ڏئي جنهن کي زمين وڪي هئائين. پوءِ هو وري پنهنجي ملڪيت جو وڃي مالڪ ٿئي.


پر جن ڳوٺن جي چوڌاري ڪوٽ ڏنل نہ هجي، تن ۾ جيڪي گھر هجن سي ٻهراڙيءَ جي ٻنين وانگر ليکيا ويندا. اهي ڇڏائي سگھبا ۽ بحاليءَ جي سال ۾ پاڻيهي ڇڏائجي ويندا.


انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ خدا اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پاڪ روح جي صورت ۾ عطا ڪئي آهي، تہ بہ خدا جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي بدن کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون.


اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،


پاڪ روح اسان يهودين توڙي غير يهودين کي ملڻ واري ميراث جو بيانو آهي، جيڪو ايستائين ضمانت آهي جيستائين اسين سڀ جيڪي خدا جي ملڪيت آهيون، تن کي پوريءَ طرح ڇڏايو وڃي، تہ جيئن خدا جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.


انهيءَ فرزند ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو خدا جي انهيءَ فضل جي دولت موجب آهي،


انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ