Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:21 - Muslim Sindhi Bible

21 تڏهن ٻڌو، آءٌ ڇهين سال اوهان تي پنهنجي ايتري تہ برڪت نازل ڪندس جو زمين ايتري پيداوار ڏيندي جو اوهين ٽن سالن تائين کائيندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تہ آءٌ ڇهين ورهيہ ۾ اوهان تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس، ۽ زمين ٽن سالن جيترو ڦل ڏيندي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسحاق انهيءَ علائقي ۾ پوک ڪئي ۽ ساڳي ئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ڇاڪاڻ تہ خداوند کيس برڪت ڏني.


سڪار جي ستن سالن دوران زمين تي تمام جھجھو فصل ٿيو.


اهو ائين پڻ آهي جيئن صيئون جبل تي ماڪ پوي، بلڪل حرمون جبل جي ماڪ جيان. بيشڪ صيئون تي خداوند پنهنجي واعدي ڪيل برڪت، يعني ابدي حياتي نازل ڪري ٿو.


ياد رکو، تہ مون خداوند، اوهان کي سبت جو ڏينهن ڏنو آهي. تنهنڪري آءٌ ڇهين ڏينهن هميشہ اوهان کي ٻن ڏينهن جي ماني ڏيندس. اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي گھر ۾ رهي. ستين ڏينهن ڪوبہ ماڻهو پنهنجي گھر کان ٻاهر نہ نڪري.“


ڇهين ڏينهن تي هو روزاني کان ٻيڻو آڻي تيار ڪندا.“


گھڻي محنت سان دولتمند ٿي نہ ٿو سگھجي، خداوند جي برڪت ئي دولتمند بڻائي ٿي.


آءٌ مندائتو مينهن موڪلي پنهنجي پاڪ جبل جي چوڌاري زمين بلڪ سڀني جاين کي پنهنجي برڪتن سان نوازيندس. هائو، زمين تي برڪتون ئي برڪتون ٿي وينديون.


پر ستون سال انهيءَ زمين جي لاءِ پوري آرام جو يعني سبت جو سال مون خداوند جي لاءِ وقف ٿيندو. انهيءَ سال اوهين نڪي پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوک ڪجو، نڪي پنهنجي انگورن جي ول کي ڇانگجو.


زمين جي انهيءَ سبت واري سال جي پيداوار اوهان سڀني جي لاءِ يعني اوهان لاءِ، اوهان جي ٻانهن، ٻانهين، اوهان جي پورهيتن ۽ انهن ڌارين جيڪي اوهان وٽ رهن ٿا تن سڀني جي کاڌي لاءِ هوندي.


خدا جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ واري کي ماني ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيئي انهيءَ کي وڌائيندو ۽ اوهان جي سخاوت جي ڦل ۾ واڌارو آڻيندو.


اوهين شهر ۾ بہ برڪت وارا ٿيندا ۽ ٻهراڙيءَ ۾ بہ.


خداوند جي حڪم سان اوهان جي گودامن ۾ ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ برڪت پوندي. جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ هو اوهان کي برڪت عطا ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ