Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ٿي سگھي ٿو تہ اوهين سوچو تہ ’جيڪڏهن اسين انهيءَ ستين سال نہ پوکينداسين ۽ نہ فصل ميڙينداسين، تہ پوءِ کائينداسين ڇا؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ جيڪڏهن اوهين چوندا تہ، ڏسو، جي اسين ستين ورهيہ ۾ نہ پوکينداسين، ۽ نہ پيدائش گڏ ڪنداسين، تہ پوءِ کائينداسين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي بادشاهہ جي ماڻهوءَ خدا جي بندي کي چيو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي ڇڏي تہ بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تنهن تي اليشع کيس وراڻيو تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“


تڏهن امصياہ انهيءَ نبيءَ کي چيو تہ ”پر اها چاندي، جيڪا مون اسرائيل جي انهن لشڪر وارن کي ڏني آهي تنهن جو ڇا ٿيندو؟“ خدا جي ٻانهي وراڻيس تہ ”خداوند تو کي انهيءَ کان گھڻو وڌيڪ ڏيئي سگھي ٿو.“


خداوند فرمايو تہ ”اي زمين وَ آسمان! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. جنهن قوم کي مون خداوند پنهنجي ٻارن وانگر پالي وڏو ڪيو، سا مون کان باغي ٿي ويئي آهي.


زمين اوهان کي پنهنجي پيداوار پيئي ڏيندي ۽ اوهين ڍءُ ڪري پيا کائيندا ۽ امن وَ امان سان پيا زندگي گذاريندا.


پر ستون سال انهيءَ زمين جي لاءِ پوري آرام جو يعني سبت جو سال مون خداوند جي لاءِ وقف ٿيندو. انهيءَ سال اوهين نڪي پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوک ڪجو، نڪي پنهنجي انگورن جي ول کي ڇانگجو.


زمين جي انهيءَ سبت واري سال جي پيداوار اوهان سڀني جي لاءِ يعني اوهان لاءِ، اوهان جي ٻانهن، ٻانهين، اوهان جي پورهيتن ۽ انهن ڌارين جيڪي اوهان وٽ رهن ٿا تن سڀني جي کاڌي لاءِ هوندي.


هو ميڪن ٿا پيا ۽ چون ٿا تہ ’اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون.‘ ڀلا آءٌ هيترن ماڻهن لاءِ گوشت ڪٿان آڻيان؟


انهن ۾ جيڪي بدمعاش ماڻهو گڏيل هئا، سي گوشت کائڻ جون اجايون سڌون ڪرڻ لڳا. انهيءَ ڪري بني اسرائيل وري بہ روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟


تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين ايترا ڊنل ڇو آهيو؟ ڇا اوهان جو ايمان ايترو ئي آهي؟“ پوءِ هو اٿيو ۽ هوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.


تنهنڪري اوهين کائڻ پيئڻ جي شين جي پٺيان نہ لڳو ۽ انهن بابت ڪابہ ڳڻتي نہ ڪريو.


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجا عرض اوهين دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ