اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ پنجاهين سال کي مخصوص ڪري ليکجو ۽ ملڪ جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جو اعلان ڪرائجو. اهو اوهان جي لاءِ بحاليءَ جو سال ٿيندو. انهيءَ سال هر ڪو پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو اچي مالڪ ٿيندو ۽ هر وڪاميل شخص موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.
پر جيڪڏهن هن وٽ پنهنجي ملڪيت موٽائي وٺڻ جيتري رقم نہ هجي، تہ پوءِ وڪاميل ملڪيت ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين خريدار جي قبضي ۾ رهندي. بحاليءَ جي سال ۾ اها ڇڏائجي ويندي، پوءِ اصلي مالڪ پنهنجي ملڪيت جو وري وڃي مالڪ ٿيندو.
بني اسرائيل جي جشن واري سال ۾ صلافحاد جي ڌيئرن جي جائداد انهيءَ قبيلي ۾ مستقل طور تي شامل ڪئي ويندي جنهن ۾ هو پرڻبيون. اهڙيءَ طرح اسان جي ابن ڏاڏن جي قبيلي مان انهن جو ورثو نڪري ويندو.“