Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 25:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ پنجاهين سال کي مخصوص ڪري ليکجو ۽ ملڪ جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جو اعلان ڪرائجو. اهو اوهان جي لاءِ بحاليءَ جو سال ٿيندو. انهيءَ سال هر ڪو پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو اچي مالڪ ٿيندو ۽ هر وڪاميل شخص موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ اوهين پنجاهون ورهيہ پاڪ ليکجو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انهي جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جي پڌرائي ڪرائجو: اهو اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو؛ ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي ايندو، ۽ هرڪو موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 25:10
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا شال اوهان سڀني سان گڏ هجي جيڪي سندس قوم آهيو. اوهان سڀني کي يروشلم ڏانهن وڃڻ جي اجازت آهي ۽ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي نئين سِر تعمير ڪرڻي آهي. هائو، اُهو ئي خداوند آهي، جنهن جي يروشلم ۾ عبادت ڪئي ويندي آهي.


هو ستايلن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو، بکايلن کي کاڌو ڏئي ٿو، ۽ قيدين کي ڇڏائي ٿو.


”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


آءٌ قيدين کي چوندس تہ ’هاڻي اوهين آزاد آهيو،‘ ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن تن کي چوندس تہ ’ٻاهر نڪري روشنيءَ ۾ اچو.‘ اهي اهڙين رڍن وانگر ٿيندا، جيڪي رستي ۾ هر هنڌ چرنديون وتنديون آهن، ۽ سڀيئي ٽڪريون انهن لاءِ چراگاهون هونديون.


مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ منهنجي قوم کي بچائڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هائو، اهو سندن دشمنن کان انتقام وٺڻ جو وقت هو.


سو سڀ عملدار ۽ سڀيئي ماڻهو ان عهد ۾ شامل ٿيا تہ هو پنهنجا ٻانها ۽ ٻانهيون آزاد ڪندا ۽ اڳتي انهن کي غلاميءَ ۾ نہ رکندا. هنن اها ڳالهہ قبول ڪندي انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو.


بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان گڏجي عهد ڪندي اعلان ڪيو هو تہ


پر جيڪڏهن هو پنهنجي انهيءَ زمين مان پنهنجي ڪنهن خدمتگار کي ڪو ٽڪرو بخشش طور ڏئي ٿو تہ اهوبحاليءَ جي سال تائين انهيءَ خدمتگار جو رهندو. پوءِ وري اهو ٽڪرو حڪمران جو ٿي ويندو ۽ سندس اها زمين سندس پٽن کي ميراث ٿي ملندي.


اوهين پنهنجي انهيءَ بحاليءَ واري سال ۾ نڪي ڪجھہ پوکجو، نڪي پاڻيهي پيدا ٿيل فصل لڻجو ۽ نہ ئي وري اڻ‌ڇانگيل انگورن جي ول مان انگور ميڙي گڏ ڪجو.


انهيءَ بحاليءَ جي سال ۾ اوهان مان هر ڪو وري پنهنجي پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو مالڪ ٿئي.


انهيءَ کان پوءِ کيس ٻارن ٻچن سميت آزاد ڪيو وڃي ۽ هو پنهنجي خاندان ۽ ابن ڏاڏن جي ملڪيت تي موٽي اچي.


جيڪڏهن هو انهن طريقن سان نہ ٿو ڇڏايو وڃي، تہ پوءِ بحاليءَ جي سال ۾ هو پنهنجي ٻارن سميت پاڻيهي ڇٽي ويندو.


تہ هو اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪرائيندو، تہ جيئن اسين بنا ڪنهن خوف جي سندس عبادت ڪريون،


هتي خداوند مان مراد زندگي ڏيندڙ پاڪ روح آهي ۽ جتي خداوند جو روح آهي اتي آزادي آهي.


جيئن تہ هاجرہ سينا جبل جي مثل آهي، سو ان جي ڀيٽ هاڻوڪي يروشلم شهر سان ڪري سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها وسندي پنهنجي ٻارن يعني رهاڪن سميت شريعت جي غلاميءَ ۾ آهي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهيو. پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي جسماني خواهشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ پيار جي رستي هڪٻئي جي خدمت ڪريو.


اوهين آزاد تہ آهيو، پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بهانو نہ بڻايو، بلڪ خدا جي ٻانهن وانگر زندگي گذاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ