Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 24:22 - Muslim Sindhi Bible

22 اوهان بني اسرائيل توڙي ڌارين سڀني سان هڪڙو ئي قانون لاڳو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 اوهان جي لاءِ هڪڙي ئي شريعت آهي، جهڙي ملڪ ۾ ڄاولن جي لاءِ، تهڙي پرديسين جي لاءِ: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 24:22
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ لاءِ توڙي ڌارئيءَ لاءِ، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو، ساڳيا ئي قاعدا لاڳو آهن.“


”بني اسرائيل جي ماڻهن مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪنهن بہ طرح رت کائيندو پيئندو، تہ آءٌ خداوند انهيءَ رت کائڻ پيئڻ واري جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.


اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ اهو ڌاريو بہ اوهان جي هم‌وطن ماڻهوءَ جهڙو آهي. سو اوهين ساڻس پاڻ جهڙو ئي پيار ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جڏهن موسيٰ بني اسرائيل کي اهو سڀ ٻڌايو، تڏهن هو انهيءَ لعنت ڪندڙ کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وٺي ويا ۽ کيس سنگسار ڪيائون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


جيڪو بناارادي ڪا خطا ڪري تہ انهيءَ لاءِ اهو ساڳيو ئي قانون آهي، پوءِ اهو شخص هن قوم جو اصلي فرد هجي توڙي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو هجي.


جيڪڏهن ڪو ڌاريو اوهان ۾ رهندو هجي ۽ هو عيد فصح ملهائڻ گھري تہ هو انهيءَ جا سمورا قاعدا قانون بجا آڻي. سڀني جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، جهڙو بني اسرائيل لاءِ تهڙو ڌارئي لاءِ.‘“


انهيءَ وقت ئي مون اوهان جي ججن کي تاڪيد ڪندي چيو هو تہ ’اوهين پنهنجيءَ قوم جا مقدما ٻڌجو، پوءِ قوم واري جو معاملو پنهنجيءَ قوم واري سان هجي توڙي ڪنهن ڌارئي سان، پر اوهين انهن جو فيصلو انصاف سان ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ