Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:41 - Muslim Sindhi Bible

41 هر سال ستين مهيني ۾ اهي ست ڏينهن اوهين مون خداوند جي لاءِ عيد ملهائجو. اهو اوهان جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 ۽ اوهين هر ڪنهن سال اهي ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو: اهو اوهان جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون آهي: اهو اوهين ستين مهيني ۾ ملهائيندا رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:41
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پهرئين ڏينهن کان وٺي پوئين ڏينهن تائين هر روز عزرا خدا جي شريعت جي ڪتاب مان پڙهي ٻڌائيندو هو. هنن لاڳيتا ست ڏينهن عيد ملهائي ۽ اٺين ڏينهن شريعت موجب هنن هڪ گڏجاڻي ڪئي.


جيستائين اوهين مون پنهنجي خدا جي لاءِ اها قرباني پيش نہ ڪريو، ايستائين نئين اناج جي نہ ماني کائجو، نڪي ڀُڳل اناج ۽ نہ وري تازا سنگ کائجو. اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ جو قانون هوندو، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.“


پهرئين ڏينهن اوهين پنهنجي وڻن جو عمدو ميوو، کجيءَ جون ڇڙهيون، گھاٽن پنن واريون ٽاريون ۽ نهرن جون ليون کڻجو ۽ ستن ڏينهن تائين مون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو اهي ست ڏينهن تنبن ۾ ئي گذارين.


”ستين مهيني جي پندرهين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. ست ڏينهن مون خداوند جي لاءِ عيد ملهائجو ۽ انهن ڏينهن ۾ اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ