Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:39 - Muslim Sindhi Bible

39 جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ جو فصل گڏ ڪري چڪو، تڏهن ستين مهيني جي پندرهين تاريخ کان وٺي ستن ڏينهن تائين مون خداوند جي لاءِ اها تنبن واري عيد ملهائجو. انهن ۾ پهريون ۽ اٺون ڏينهن خاص آرام جا ڏينهن آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 ۽ ستين مهيني جي پندرهين ڏينهن، جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ جو فصل گڏ ڪري رهو، تڏهن ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو: پهريون ڏينهن پوري آرام جي واسطي آهي، ۽ اٺون ڏينهن بہ پوري آرام جي واسطي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:39
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لاباري جي عيد، يعني جيڪي اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيو تنهن جي پهرين پيداوار جي عيد ملهايو. سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪريو، تڏهن تنبن واري عيد ملهايو.


بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ خاص آرام جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن جو اظهار نفيلون وڄائي ڪيو وڃي ۽ سڀيئي عبادت لاءِ گڏ ٿين.


بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”انهيءَ ستين مهيني جي پندرهين تاريخ تي مون خداوند جي لاءِ تنبن واري عيد شروع ٿيندي جا ست ڏينهن جاري رهندي.


ست ئي ڏينهن اوهين مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪندا رهجو. اٺين ڏينهن اوهين وري عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪجو. جيئن تہ اهو عبادت لاءِ گڏ ٿيڻ جو ڏينهن آهي سو اوهين ان ڏينهن ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


هي قربانيون هفتيوار سبت وارين قربانين ۽ اوهان جي نذرانن، اوهان جي باسيل قربانين ۽ اوهان جي خوشيءَ جي قربانين کان علاوہ آهن.


پهرئين ڏينهن اوهين پنهنجي وڻن جو عمدو ميوو، کجيءَ جون ڇڙهيون، گھاٽن پنن واريون ٽاريون ۽ نهرن جون ليون کڻجو ۽ ستن ڏينهن تائين مون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


”جڏهن اوهين پنهنجي کري جو مال ۽ انگورن مان رس گڏ ڪري چڪو، تڏهن ست ڏينهن تنبن واري عيد ملهائجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ