Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:34 - Muslim Sindhi Bible

34 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”انهيءَ ستين مهيني جي پندرهين تاريخ تي مون خداوند جي لاءِ تنبن واري عيد شروع ٿيندي جا ست ڏينهن جاري رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ انهي ستين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ کان وٺي ستن ڏينهن تائين خداوند جي لاءِ تنبن جي عيد ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:34
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يربعام پنهنجي مرضيءَ موجب اٺين مهيني جي پندرهين تاريخ هڪڙي عيد مقرر ڪئي، جهڙي عيد يهوداہ ۾ ٿيندي هئي. پوءِ هو ساڳئي ڏينهن تي بيت‌ايل ڏانهن ويو جتي سوني گابي اڳيان قربان‌گاهہ تي قربانيون پيش ڪيائين ۽ اتي بہ هن جيڪي مختلف هنڌن تي پوڄا گھر ٺهرايا هئا تن ۾ پڻ مذهبي اڳواڻ مقرر ڪيا.


سو ايتانيم جيڪو سال جو ستون مهينو آهي، تنهن ۾ اهي سڀيئي ماڻهو تنبن واري عيد جي موقعي تي بادشاهہ سليمان وٽ اچي گڏ ٿيا.


انهيءَ وقت اتي خداوند بني اسرائيل جي خدا آڏو سليمان ۽ ساڻس گڏ سڄي بني اسرائيل جي هڪ تمام وڏي ميڙ تنبن واري عيد بہ ملهائي. اتر طرف حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ طرف مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان آيل انهن ماڻهن اها عيد ست ڏينهن هڪڙا ۽ ست ڏينهن ٻيا، ڪُل چوڏهن ڏينهن ملهائي.


هنن شرعي دستور موجب تنبن واري عيد ملهائي ۽ هر روز جون باهہ سان ساڙيون ويندڙ مقرر ڪيل قربانيون حڪم موجب پيش ڪيون.


هنن کي شريعت ۾ اهو لکيل مليو جيڪو خداوند موسيٰ جي معرفت فرمايو هو تہ سال جي ستين مهيني ۾ تنبن واري عيد دوران بني اسرائيل تنبن ۾ رهي اها عيد ملهائين.


لاباري جي عيد، يعني جيڪي اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيو تنهن جي پهرين پيداوار جي عيد ملهايو. سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪريو، تڏهن تنبن واري عيد ملهايو.


اوهين ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت لاباري جي عيد ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾ تنبن واري عيد ملهائجو.


تنبن واري عيد جيڪا هر سال ستين مهيني جي پندرهين تاريخ کان ستن ڏينهن تائين ملهائي ويندي آهي، تنهن تي بہ حڪمران هر روز ايترا ئي جانور پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري جيترا عيد فصح تي قربان ڪيا وڃن. ساڳيءَ طرح اناج ۽ زيتون جي تيل جو بہ ساڳي ئي مقدار ۾ قربانيءَ سان گڏ پيش ڪيو وڃي.“


بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو اهي ست ڏينهن تنبن ۾ ئي گذارين.


انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي پيڙهين کي خبر پوي تہ جڏهن مون بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هو، تڏهن کين تنبن ۾ رهايو هئم. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


”ستين مهيني جي پندرهين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. ست ڏينهن مون خداوند جي لاءِ عيد ملهائجو ۽ انهن ڏينهن ۾ اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


پوءِ جڏهن يهودين جي تنبن واري عيد ويجھي آئي،


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


پوءِ موسيٰ کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”هر ستين سال جي پڇاڙيءَ ۾، يعني قرضن جي معافيءَ واري سال ۾، تنبن واري عيد جي موقعي تي،


اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“


ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ