Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:24 - Muslim Sindhi Bible

24 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ خاص آرام جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن جو اظهار نفيلون وڄائي ڪيو وڃي ۽ سڀيئي عبادت لاءِ گڏ ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ پورو آرام ٿيندو، انهي ڏينهن يادگيريءَ جي لاءِ تريون وڄن، ۽ پاڪ جماعت گڏ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:24
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻندي ۽ نفيلون، شرنايون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي خداوند جي عهد واري صندوق يروشلم ۾ کڻي آيا.


ستين مهيني جي پهرين تاريخ کان وٺي هو خداوند جي لاءِ قربانيون ساڙڻ لڳا، توڙي جو خداوند جي هيڪل جو اڃا بنياد بہ نہ وڌو هئائون.


تڏهن عزرا سڀني ماڻهن، جن ۾ مرد، عورتون ۽ اهي ٻار شامل هئا جيڪي سمجھہ ڀريا هئا، تن جي اڳيان اهو شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهڻ لڳو.


سڀاڳي آهي اها قوم، جيڪا خوشيءَ جي نعري سان تنهنجي واکاڻ ڳائي ٿي. اي خداوند! اسين تنهنجي مهربانين سان زندگي گذاريون ٿا.


اوهين شرنايون ۽ نفيلون وڄائي، خداوند بادشاهہ جي آڏو خوشيءَ جا نعرا هڻو.


انهيءَ ڏينهن وڏي آواز سان نفيل وڄائي ويندي، تان‌تہ اشور ۽ مصر ملڪ ۾ جلاوطن ٿيل سڀيئي بني اسرائيل موٽي اچن. سو اهي موٽي ايندا ۽ پاڪ جبل تي اڏيل شهر يروشلم ۾ اچي خداوند جي عبادت ڪندا.


انهن اوڻونجاهہ سالن کان پوءِ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ يعني ڪفاري جي ڏينهن اوهين پنهنجي سڄي ملڪ ۾ نفيل وڄرائجو.


اهو ملائڪن جي سردار جي آواز سان ۽ خدا طرفان توتاري وڄڻ سان ٿيندو. ان وقت خداوند عيسيٰ وڏي واڪي حڪم ڏيندي پاڻ آسمان مان هيٺ لهندو. تڏهن جيڪي مسيح تي ايمان رکندي مري ويا آهن سي پهريائين جيئرا ٿي اٿندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ