23 خداوند موسيٰ کي
23 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو، بلڪ اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“
بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ خاص آرام جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن جو اظهار نفيلون وڄائي ڪيو وڃي ۽ سڀيئي عبادت لاءِ گڏ ٿين.
اوهين مون خداوند جي لاءِ رڍن ٻڪرين يا ڍورن ڍڳن منجھان منهنجي واسطي وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ساڙڻ واري قرباني ڪريو، يا باسيل قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر عيدن تي قرباني ڪريو يا ڪا ٻي ساڙي ويندڙ قرباني ڪريو،
”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي لاءِ نفيلن وڄائڻ جو ڏينهن آهي.