Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:22 - Muslim Sindhi Bible

22 جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو، بلڪ اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا نہ لڻج، ۽ نڪي لاباري جي وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج: اهو تون غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:22
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو فراخدليءَ سان محتاجن کي ڏين ٿا، ۽ سندن سخاوت هميشہ تائين جاري رهندي. بيشڪ انهن کي قوت ۽ عزت ۾ مٿاهون ڪيو ويندو.


جيڪڏهن اوهين دل سان بکين جي سار لهندا، ۽ ڏکويلن جي دلجوئي ڪندا، تہ پوءِ اونداهيءَ ۾ بہ اوهان لاءِ روشني چمڪڻ لڳندي، هائو، اوهان جا ڏک ۽ مصيبتون خوشحاليءَ ۾ بدلجي ويندا.


پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ خيرات ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پاڪ ٿي پوندو.


هڪڙي ڏينهن رُوت نعوميہ کي چيو تہ ”مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ ٻنيءَ ۾ وڃان ۽ جيڪو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي سنگ ميڙي گڏ ڪريان.“ نعوميہ ورندي ڏنس تہ ”اي منهنجي ڌيءَ! ڀلي وڃ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ