Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اوهين پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ ٻہ هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ اوهين گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ يڪسالا گهيٽا پيش ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان بعد هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ ٻڪر کي ذبح ڪري، جيڪو قوم جي واسطي آهي. انهيءَ جو رت کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي ۽ وهڙي جي رت وانگر انهيءَ جو رت بہ رحمت جي پوش جي اڳئين حصي تي ۽ صندوق جي اڳيان ڇٽڪاري.


انهن روٽن سان گڏ اوهين قوم جي طرفان ست هڪسالا بي‌عيب گھيٽا، هڪڙو وهڙو ۽ ٻہ گھٽا پيش ڪجو. اهي مون خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور هجن ۽ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ سان گڏ پيش ڪجن. اها مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا ساڙبي آهي.


ڪاهن انهن ٻنهي گھيٽن کي پهرئين پيداوار جي روٽن سان گڏ مون خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪري پيش ڪري. اهي ڪاهن جو حصو آهن جيڪي مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهن.


تہ پوءِ جيڪڏهن بي‌خبريءَ ۾ انهن کان بناارادي اها خطا ٿي هجي تڏهن سڄي قوم مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، قانون مطابق اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ سميت آڻي پيش ڪري. انهيءَ کان سواءِ کين هڪ ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪرڻو آهي.


اوهين پنهنجي ڪفاري لاءِ هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو.


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي.


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ