Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 23:13 - Muslim Sindhi Bible

13 انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ طور ٻہ ڪلوگرام ميدو تيل ۾ ڳوهيل پيش ڪجو. اها مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي جا ساڙبي آهي. ان سان گڏ اوهين هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ انهي سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو، تيل ۾ ڳوهيل هجي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا باهہ سان ساڙبي آهي: ۽ انهي سان گڏ پيئڻ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي هين جي چوٿين حصي جيتري مئي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 23:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنج ڪلوگرام املداس ۽ ساڍا ٽي ليٽر زيتون جو تيل کڻي،


انهيءَ تي ٻئي ڪنهن بہ قسم جو لوبان نہ ساڙيو وڃي، نہ ئي مٿس ساڙڻ واري قرباني يا اناج جي قرباني يا اوتڻ واري قرباني هاري وڃي.


تو کي پاڻي مقرر وقت تي ماپي پيئڻو پوندو، يعني هر روز رڳو ٻہ گلاس، انهيءَ کان وڌيڪ نہ پيئندين.


قربانيءَ لاءِ پيش ٿيندڙ هر ڍڳي ۽ هر گھٽي سان گڏ هو اٺ ڪلوگرام اناج ۽ ٽي ليٽر زيتون جو تيل پيش ڪري.


انهيءَ سان گڏ هر روز اناج جي قربانيءَ طور ڏيڍ ڪلوگرام ميدو بہ پيش ڪيو وڃي ۽ انهيءَ ميدي کي ڳوهڻ لاءِ هڪ ليٽر زيتون جو تيل پيش ڪيو وڃي. مون خداوند لاءِ اناج جي قرباني پيش ڪرڻ جو هميشہ لاءِ اهو ئي قاعدو هوندو.


اي قربان‌گاهہ جا خدمتگار ڪاهنؤ! کٿا چيلهہ سان ٻڌي واءِ‌ويلا ڪريو. هائو، اي خدا جا خادمؤ! سڄي رات کٿو ويڙهي ويٺا رهو، ڇاڪاڻ تہ اناج توڙي مئي آهي ئي ڪانہ، جو اوهين خدا جي گھر ۾ اهي قربانين طور پيش ڪريو.


اناج توڙي مئي ختم ٿي ويئي آهي، سو اهي قربانين لاءِ هيڪل ۾ نہ ٿا آندا وڃن. خداوند جي آڏو قربانيون پيش نہ ٿيڻ ڪري ڪاهن روڄ راڙي ۾ پيا گذارين.


شايد خداوند پنهنجو ارادو بدلائي اوهان سان رحم وارو سلوڪ ڪري. پوءِ هو اوهان تي جھجھي اناج ۽ مئي جون برڪتون نازل ڪندو، جن مان اوهين خداوند پنهنجي خدا لاءِ قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪندا.


پوءِ اٺين ڏينهن هو ٻن بي‌عيب گھيٽن ۽ هڪڙي بي‌عيب هڪسالي گھيٽيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ لاءِ زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل ٽي ڪلوگرام ميدو ۽ اڌ ليٽر زيتون جو تيل کڻي اچي.


ساڳئي ئي ڏينهن تي اوهين مون خداوند جي لاءِ هڪڙو هڪسالو بي‌عيب گھيٽو بہ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو.


”جنهن ڏينهن هارون جي اولاد مان ڪنهن کي ڪاهن ٿيڻ لاءِ مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي تنهن ڏينهن اهو مون خداوند جي حضور ۾ باقاعدي اناج جي قربانيءَ طور هڪ ڪلوگرام ميدو آڻي، جنهن مان اڌ صبح جو ۽ اڌ شام جو هن ريت پيش ڪيو وڃي.


روزمرہ جي ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ هيءَ ساڙڻ واري قرباني هر ڪنهن سبت تي پيش ڪرڻي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ