Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 22:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تون انهن کي چئُہ تہ ’اوهان جي سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ناپاڪيءَ واري حالت ۾ انهن مخصوص قربانين جي ويجھو ويندو، جيڪي بني اسرائيل جي ماڻهن مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيون هونديون، تہ انهيءَ کي منهنجي خدمت واري ڪم مان خارج ڪيو ويندو. آءٌ خداوند آهيان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 هنن کي چئُہ تہ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان ڪوبہ شخص، جو ناپاڪ هوندو، ۽ انهن پاڪ شين جي ويجهو ويندو، جن کي بني اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ ڪيو هوندو، سو منهنجي حضور مان تباهہ ڪيو ويندو: آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 22:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کين چيو تہ ”اوهين ۽ هي سڀ ٿانوَ خداوند جي لاءِ مخصوص آهيو، باقي خالص چاندي ۽ سون خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ سان ڏنل نذرانو آهي.


تون مون کي هميشہ زندگيءَ جي راهہ پيو ڏيکاريندين، ۽ تنهنجي حضور ۾ آءٌ خوشين سان ڀرپور رهندس. هائو، تو سان گڏ رهڻ ۾ مون کي دائمي خوشيون حاصل ٿينديون.


تون مون کي پنهنجي حضور مان لوڌي نہ ڪڍ، ۽ مون کان پنهنجو پاڪ روح پري نہ ڪر.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


”تون هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ جيڪي مخصوص قربانيون بني اسرائيل جا ماڻهو منهنجي لاءِ وقف ڪن ٿا تن کي هو احتياط سان هٿ لائين، تان‌تہ منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي نہ ٿئي. آءٌ خداوند آهيان.


جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ٿو ڪري تہ اهو مون خداوند جي مقدس خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري. اهو ماڻهو بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ان جي مٿان نہ ڇٽڪاريو ويو آهي، انهيءَ ڪري هو ناپاڪ ئي رهندو.


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


اهي خداوند عيسيٰ جي حضور کان ۽ سندس قدرت جي عظمت کان پري رهي هميشہ واري برباديءَ جي سزا ڀوڳيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ