Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 22:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جنهن ڍڳي يا گھيٽي جو ڪو عضوو گھٽ وڌ هجي، سو خوشيءَ جي قربانيءَ طور ڀلي پيش ڪيو وڃي، پر ڪنهن باس جي لاءِ اهو قبول نہ پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 جنهن ڍڳي يا گهيٽي جو ڪو عضوو وڌيل يا گهٽيل هجي، سو تون خوشيءَ جي قربانيءَ طور ڀلي پيش ڪج؛ پر ڪنهن مڃت جي لاءِ اهو قبول نہ پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 22:23
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي سڀني مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ، انهن ڪمن واسطي نذرانو کڻي آيا، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


ڪير بہ هجي جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو منهنجي ويجھو نہ اچي، يعني جيڪو انڌو، منڊو، ڦريل عضون وارو يا جنهن جو ڪو عضوو گھٽ وڌ هجي،


انڌو، منڊوٽنڊو، زخمي، وهندڙ ڦٽ وارو يا چمڙيءَ جي بيماريءَ وارو جانور مون خداوند جي لاءِ پيش نہ ڪيو وڃي، نڪي انهن مان ڪنهن کي قربان‌گاهہ تي آڻي، مون خداوند جي لاءِ قربانيءَ طور ساڙيو وڃي.


جنهن جانور جا آنورا چٿيل، چيريل، ڌڪيل يا وڍيل هجن سو بہ مون خداوند جي لاءِ قربانيءَ طور پيش نہ ڪيو وڃي. هو پنهنجي ملڪ ۾ اهڙي ڪابہ قرباني نہ ڪن.


جڏهن اوهين انڌن جانورن جي قرباني ٿا ڪريو تہ ڇا اها بڇڙائي ناهي؟ جڏهن اوهين منڊن ۽ بيمار جانورن جي قرباني ٿا ڪريو تہ ڇا اها ڪا خرابي ڪانهي؟ هاڻي اهڙي قسم جون قربانيون جيڪڏهن اوهين پنهنجي گورنر کي ڏيو، تہ ڇا اهو اوهان مان راضي ٿيندو ۽ اوهان تي مهربان ٿيندو؟“


پر جيڪڏهن انهن مان ڪنهن ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ منڊو يا انڌو هجي يا ڪو ٻيو عيب هجيس، تہ اهو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي آڏو قربانيءَ طور پيش نہ ڪجو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن بہ اهڙي ڍور ڍڳي يا رڍ ٻڪريءَ جي قرباني نہ ڪجو جنهن ۾ ڪو عيب يا خامي هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ