Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 22:20 - Muslim Sindhi Bible

20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪو عيب وارو جانور پيش ڪري تہ مون خداوند وٽ اهو هن جي طرفان قبول نہ پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو اوهين پيش نہ ڪجو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جي لاءِ قبول نہ پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 22:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! نئين سر بحاليءَ کان پوءِ هر سال پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تي هڪڙو بي‌عيب وهڙو قربان ڪري مقدس هيڪل کي پاڪ ڪيو وڃي.


جيڪڏهن سندس قرباني ڍورن ڍڳن جي ساڙڻ واري قرباني هجي تہ اهو ڍور نر ۽ بي‌عيب هجي. هو انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي پيش ڪري تہ جيئن اهو منهنجي حضور ۾ قبول پوي.


جنهن جانور جا آنورا چٿيل، چيريل، ڌڪيل يا وڍيل هجن سو بہ مون خداوند جي لاءِ قربانيءَ طور پيش نہ ڪيو وڃي. هو پنهنجي ملڪ ۾ اهڙي ڪابہ قرباني نہ ڪن.


نڪي هو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جي هٿان انهن مان ڪو وٺي مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ طور پيش ڪن. اهڙن عيبدار جانورن ۾ خرابي آهي ۽ اهي هنن جي طرفان قبول نہ پوندا.“


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي آڏو پنهنجي ڍورن ڍڳن مان سلامتيءَ واري قرباني پيش ڪري، پوءِ اهو ڍور نر هجي توڙي مادي، پر بي‌عيب هجي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رڍن ٻڪرين مان سلامتيءَ واري قرباني پيش ڪري، پوءِ اهو نر هجي توڙي مادي، پر بي‌عيب هجي.


جڏهن اوهين انڌن جانورن جي قرباني ٿا ڪريو تہ ڇا اها بڇڙائي ناهي؟ جڏهن اوهين منڊن ۽ بيمار جانورن جي قرباني ٿا ڪريو تہ ڇا اها ڪا خرابي ڪانهي؟ هاڻي اهڙي قسم جون قربانيون جيڪڏهن اوهين پنهنجي گورنر کي ڏيو، تہ ڇا اهو اوهان مان راضي ٿيندو ۽ اوهان تي مهربان ٿيندو؟“


”جنهن شرعي قانون جو مون خداوند حڪم ڏنو آهي، تنهن موجب اوهين بني اسرائيل کي چئو تہ هو اوهان وٽ هڪڙِي بي‌عيب ڳاڙهي گابِي آڻين، جنهن تي ڪوبہ داغ نہ هجي ۽ جنهن تي ڪڏهن بہ پاڃاري ڪانہ آئي هجي.


اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو جنهن ۾ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بي‌عيب هجن.


پر جيڪڏهن انهن مان ڪنهن ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ منڊو يا انڌو هجي يا ڪو ٻيو عيب هجيس، تہ اهو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي آڏو قربانيءَ طور پيش نہ ڪجو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن بہ اهڙي ڍور ڍڳي يا رڍ ٻڪريءَ جي قرباني نہ ڪجو جنهن ۾ ڪو عيب يا خامي هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.“


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


پر هڪ بي‌عيب ۽ بي‌داغ گھيٽڙي، يعني مسيح جي قيمتي رت سان اوهان کي ڇڏايو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ