Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 22:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ رن‌زال يا طلاق ڏنل هجي ۽ کيس اولاد نہ هجي، پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي اچي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مليل کاڌي مان کائي. پر ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ بيوہ، يا طلاق ڏنل هجي، ۽ انهي کي اولاد نہ هجي، ۽ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مانيءَ مان کائي: پر ٻيو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 22:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهوداہ پنهنجي نُنهن تمر کي چيو تہ ”جيستائين منهنجو پٽ شيلاہ وڏو ٿئي تيستائين پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رن‌زال ٿي گذار،“ ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي تہ متان شيلاہ بہ پنهنجي ڀائرن وانگر مري وڃي. سو تمر پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ وڃي رهڻ لڳي.


يهودي گورنر انهن کي حڪم ڏنو تہ تيستائين هو خداوند لاءِ ئي مخصوص شين مان ڪجھہ نہ کائين، جيستائين اُوريم ۽ ٿُميم سان خدمت ڪندڙ ڪو ڪاهن هجي جيڪو فيصلو ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”عيد فصح جا قاعدا هي آهن. بني اسرائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو عيد فصح جي ماني نہ کائي.


کين مقرر ۽ مخصوص ڪرڻ لاءِ جن شين سان ڪفارو ڏنو وڃي، سي بہ هو کائين. پر ڪو ٻيو ماڻهو انهن مان نہ کائي، ڇاڪاڻ تہ اهي مخصوص آهن.


اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت جون سڀيئي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ صحيح بندوبست نہ ڪيو. پر انهيءَ جي بجاءِ اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت لاءِ غير واسطيدار ماڻهن کي مقرر ڪيو آهي.


بلڪ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ جو سينو ۽ پيش ٿيل ران پڻ اوهين ڪنهن بہ پاڪ جاءِ ۾ کائجو. اهي تون، تنهنجا پٽ ۽ تنهنجيون ڌيئر جيڪي تو سان گڏ هجن سي کائين، ڇاڪاڻ تہ اهو تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق آهي، جيڪو بني اسرائيل جي سلامتيءَ وارين قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي.


ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو، پوءِ اهو ڪاهن وٽ رهندڙ مهمان هجي يا ڪو مزدور، سو انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي.


جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ، ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻيل هجي تہ اها انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي.


پوءِ جيڪڏهن هوءَ سندس گھر مان نڪرڻ بعد وڃي ڪو ٻيو مڙس ٿي ڪري


ان ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو اتي خداوند جي عبادت‌گاهہ وٽ ترسيل هو، جنهن جو نالو دوئيگ ادومي هو. هو سائول جي ڌنارن جو وڏو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ