Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 21:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تنهنڪري هو پنهنجي اولاد کي پنهنجيءَ قوم ۾ بي‌آبرو نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند آهيان، جيڪو هن کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪريان ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ هو پنهنجي تخم کي پنهنجي قوم ۾ بي آبرو نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو هن کي پاڪ ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 21:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نہ، مون ابراهيم کي چونڊيو ئي انهيءَ لاءِ آهي تہ هو پنهنجي پٽن ۽ پنهنجيءَ اولاد کي حڪم ڪري تہ اهي منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ حق سچ تي هلن. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا تہ آءٌ ابراهيم لاءِ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس جنهن جو مون ساڻس واعدو ڪيو آهي.“


هنن پاڻ ۽ پنهنجي پٽن کي سندن ڌيئرون پرڻايون آهن ۽ خدا لاءِ مخصوص نسل کي غير قومن سان ڳنڍي ڇڏيو اٿن. انهيءَ گناهہ ۾ اڳواڻن ۽ وڏن جو گھڻو هٿ آهي.“


متان اوهان انهن جي ڌيئرن مان ڪي پنهنجن پٽن سان پرڻايو ۽ اهي ڇوڪريون پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪن ۽ اوهان جي پٽن کي بہ پنهنجن معبودن جي پٺيان لڳائي بدڪار بڻائين.


بني اسرائيل جي سڄي قوم لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.


اوهين پاڻ کي منهنجي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ مخصوصيت واري حالت ۾ رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


هو ڪنهن رن‌زال، طلاق ڏنل، يا ڪسبياڻي ٿي بي‌عزت بڻيل سان شادي نہ ڪري، بلڪ پنهنجي ئي قبيلي مان ڪنهن ڪنواريءَ سان شادي ڪري.


تنهنڪري منهنجي قوم ڪاهن کي مخصوص ٿيل ڪري ڄاڻي، ڇاڪاڻ تہ هو انهن جي طرفان مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪري ٿو. سو انهيءَ کي اهي مخصوص ٿيل سمجھن، ڇو تہ آءٌ خداوند جيڪو کين پاڪ ٿو ڪريان سو پاڪ آهيان.


اوهان يهوداہ وارن خداوند سان بي‌وفائي ڪندي يروشلم ۾ ڪڌو ڪم ڪيو آهي. هائو، اوهان غير معبودن سان تعلق جوڙي خداوند جي پاڪ ۽ پياري گھر جي بي‌حرمتي ڪئي آهي.


ڇا خدا اوهان ٻنهي کي انهيءَ واعدي موجب گڏجي هڪ بدن ۽ هڪ روح ٿيڻ لاءِ نہ چيو آهي؟ خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن اوهان مان اهڙا ٻار پيدا ٿين جيڪي خدا جا هجن. سو اوهان کي انهيءَ واعدي جي سنڀال ڪرڻي آهي.


اي انڌؤ! اي بي‌وقوفؤ! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا هيڪل جنهن سون کي پاڪ ڪيو؟


ابراهيم خدا جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس نسل بہ چونڊيل آهي. هائو، خدا کي ڏنل نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايمان واري زال جي ڪري غير ايمان وارو مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ايمان واري مڙس جي ڪري غير ايمان واري زال پاڪ ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار پليت هجن ها، پر هاڻي اهي پاڪ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ