هو نڪي ڪنهن رنزال سان ۽ نہ وري ڪنهن طلاق ڏنل عورت سان شادي ڪن، بلڪ هو بني اسرائيل جي نسل مان ڪنوارين ڇوڪرين سان شادي ڪن، يا وري انهيءَ رنزال سان شادي ڪن جيڪا ڪنهن ڪاهن جي رنزال هجي.
هائو، جيئن تہ هو مسح ڪرڻ واري تيل سان مون لاءِ وقف ٿيل آهي، سو هو مقدس خيمي کان ٻاهر نڪري ائين ڪرڻ سان پاڻ کي ناپاڪ ڪري منهنجي مقدس خيمي جي بيحرمتي نہ ڪري. آءٌ خداوند آهيان.
ڪوبہ ڪاهن ڪنهن اهڙيءَ عورت سان شادي نہ ڪري جيڪا ڪسبياڻي ٿي بيعزت بڻي هجي يا جنهن کي طلاق ڏني ويئي هجي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڪاهن منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل آهي.