Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 21:12 - Muslim Sindhi Bible

12 هائو، جيئن تہ هو مسح ڪرڻ واري تيل سان مون لاءِ وقف ٿيل آهي، سو هو مقدس خيمي کان ٻاهر نڪري ائين ڪرڻ سان پاڻ کي ناپاڪ ڪري منهنجي مقدس خيمي جي بي‌حرمتي نہ ڪري. آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ هو پاڪ مڪان کان ٻاهر نہ نڪري، نڪي پنهنجي خدا جي پاڪ مڪان جي بي حرمتي ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تي سندس خدا جي مسح ڪرڻ واري تيل جو تاج آهي: آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 21:12
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون نج سون جي هڪڙي تختي ٺهرائج ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪرائي ڇڏج، ’خداوند جي لاءِ مخصوص.‘


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


مگر اوهين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ کان ٻاهر نہ وڃو، متان اوهين مري وڃو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو مسح ڪرڻ وارو تيل اوهان تي لڳل آهي.“ سو هنن موسيٰ جي چوڻ موجب عمل ڪيو.


هو رڳو ڪنواريءَ سان شادي ڪري.


ان بعد موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان ۽ قربان‌گاهہ تي پيل رت مان ڪجھہ کڻي هارون ۽ سندس پٽن تي ۽ انهن جي خاص پوشاڪن تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن هارون ۽ سندس پٽن ۽ انهن جي خاص پوشاڪن کي مخصوص ڪيو.


جيڪي ڏينهن هو پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪري، تن ڏينهن ۾ هو ڪنهن بہ مُڙدي جي ويجھو نہ وڃي.


اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ