Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 21:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند موسيٰ کي هارون جي پٽن، جيڪي ڪاهن آهن، تن لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”جڏهن اوهان جي قوم ۾ ڪو مري وڃي تہ انهيءَ جي ڪفن دفن ڪرڻ لاءِ ڪوبہ ڪاهن پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ، هارون جا پٽ جي ڪاهن آهن، تن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جڏهن اوهان جي قوم مان ڪو مري وڃي، تڏهن انهي جي لاءِ اوهين پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪريو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 21:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪاهنن کي گھرجي تہ هو ڪنهن بہ مئل ماڻهوءَ کي ڇهي پاڻ کي پليت نہ ڪن. البت هو رڳو پنهنجي پيءُ، ماءُ، پٽ، ڌيءُ، ڀاءُ يا ڪنواري ڀيڻ جي لاءِ پاڻ کي ناپاڪ ڪري سگھن ٿا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! ٻڌو، اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين ڌيان ڏيو. اي شاهي گھراڻي وارؤ! اوهين ڪن ڏيو، اوهين جيڪي ٻين جي خلاف فتويٰ جاري ڪريو ٿا، هاڻي اوهان جي خلاف فتويٰ جاري ٿي چڪي آهي. اوهين مصفاہ ۾ ڦندو وجھي، تبور جبل تي ڄار پکيڙي،


۽ نہ وري مُڙدي جي ويجھو وڃي. ايتري قدر جو پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي لاءِ بہ پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! اوهان جي لاءِ هي حڪم آهي،


پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون اهو حڪم اوهان کي انهيءَ لاءِ ڏنو هو تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو تہ جيئن منهنجو عهد اوهان لاويءَ جي گھراڻي وارن سان قائم رهي.


”جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهندو سو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن تنبوءَ ۾ مري وڃي تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ وقت تنبوءَ ۾ هوندو يا ٻاهران تنبوءَ ۾ گھڙي ايندو سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.


جيڪڏهن ڪو جھنگ ۾ تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي يا پنهنجي موت مئل ماڻهوءَ جي لاش کي، يا ڪنهن ماڻهوءَ جي هڏي کي يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، تہ اهو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو.


”بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر انهيءَ ماڻهوءَ جنهن کي چمڙيءَ جي بيماري هجي، جنهن جي جسم اندران ڪجھہ وهي نڪتو هجي ۽ جيڪو مُڙدي کي ڇهڻ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي خيمي‌گاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏين.


جيڪي ڏينهن هو پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪري، تن ڏينهن ۾ هو ڪنهن بہ مُڙدي جي ويجھو نہ وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ