Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 20:22 - Muslim Sindhi Bible

22 اوهين منهنجي سڀني قانونن ۽ حڪمن کي مڃجو ۽ انهن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آءٌ اوهان کي موڪليان ٿو سو متان اوهان کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تنهنڪري اوهين منهنجن سڀني قانونن ۽ منهنجن سڀني فيصلن کي ياد رکجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: انهي لاءِ تہ متان جنهن زمين ۾ رهڻ لاءِ آءٌ اوهان کي موڪليان ٿو، سا اوهان کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 20:22
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن سندس قوم سندس قاعدن قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪري. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


مون جيڪو قسم کنيو آهي تنهن تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجي سچن قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهندس.


آءٌ پوريءَ دل سان تو کي پڪاريان ٿو، اي خداوند! منهنجو عرض ٻڌ. آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهندس.


تنهنجو پورو فرمان تنهنجي وفا تي ٻڌل آهي، سو تنهنجا سمورا قاعدا قانون هميشہ سچ تي قائم رهندا.


آءٌ تنهنجي انهن سچن قاعدن قانونن جي ڪري روزانو بار بار تنهنجي واکاڻ ڪندو ٿو رهان.


منهنجي واتان تنهنجي واکاڻ ٿيندي رهندي، ڇاڪاڻ تہ تون مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکارين ٿو.


سو تون مون کي بچائي جيئرو رک، تان‌تہ آءٌ تنهنجي واکاڻ ڪندو رهان! شال تنهنجا قاعدا قانون منهنجي رهنمائي ڪندا رهن!


منهنجي دل تنهنجي قاعدن لاءِ هميشہ آسائتي رهي ٿي، هائو، تنهنجي قاعدن قانونن کي ڄاڻڻ جي ڏاڍي اڪير اٿم.


شل منهنجي دل پوريءَ طرح تنهنجي قانونن کي مڃيندي رهي! تان‌تہ مون کي ڪڏهن بہ شرمندگي نہ ٿئي.


خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”جيڪي قانون تون بني اسرائيل کي ٻڌائيندين سي هي آهن.


آءٌ پنهنجو روح اوهان منجھہ وجھندس ۽ اوهان کان پنهنجي قاعدن قانونن جي پيروي ڪرائيندس. هائو، پوءِ اوهين منهنجي حڪمن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


سو اوهين منهنجا سڀيئي قانون ۽ حڪم مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.“


آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.


هي ئي اهي حڪم ۽ قاعدا قانون آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ کين ٻڌايا.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اهي سکو ۽ انهن تي ضرور عمل ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ