Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 20:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڳيءَ يا ماٽيليءَ ڀيڻ کي پاڻ سان رهائيندو ۽ اُهي هڪٻئي جي اوگھڙ ڏسندا، تہ اها تمام شرم جهڙي ڳالهہ آهي. سو انهن ٻنهي کي پوريءَ قوم آڏو ظاهر ظهور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ماڻهوءَ پنهنجي ڀيڻ جي عزت ورتي آهي. سندس گناهہ سندس ئي سر تي هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀيڻ، يا پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ، پاڻ وٽ ويهاري، ۽ سندس ننگ ڏسي، تہ اها شرم جي ڳالهہ آهي؛ اهي پنهنجيءَ قوم جي روبرو تباهہ ڪيا وڃن: انهي ماڻهوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ جو ننگ کوليو آهي؛ هو پنهنجو گناهہ پاڻ کڻندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 20:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ هوءَ سچ پچ منهنجي ڀيڻ آهي. هوءَ منهنجي پيءُ جي ڌيءَ آهي پر منهنجيءَ ماءُ منجھان نہ. تنهنڪري مون هن سان شادي ڪئي آهي.


تڏهن تمر چيس تہ ”نہ ادا، مون کي اهڙي ڪم لاءِ زور نہ ڀر، جيڪو بني اسرائيل ۾ ٿيڻ نہ گھرجي. اهڙي بي‌حيائي نہ ڪر.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


ان کان سواءِ تو منجھہ ڪي پاڙيسرين جي زالن سان بدڪاري ٿا ڪن ۽ ڪي وري پنهنجي ننهن توڙي پنهنجي ماٽيلين ڀينرن سان زناڪاري ڪري کين پليت ڪري ٿا ڇڏين.


اوهان پنهنجيءَ ڀيڻ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، پوءِ اها توهان جي پيءُ جي ڌيءَ هجي يا رڳو ماءُ جي. توڙي اها گھر ۾ پلي هجي يا ڪٿي ٻاهر.


جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن جانور وٽ وڃي انهيءَ کان بدفعلي ڪرائي، تہ اوهين انهيءَ عورت کي ضرور موت جي سزا ڏجو ۽ انهيءَ جانور کي بہ ضرور ماري ڇڏجو. بدفعلي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ جو خون سندن ئي سر تي آهي.


پوءِ اهو مرد پنهنجيءَ زال تي انهيءَ تهمت ڏيڻ واري ڏوهہ کان آجو رهندو ۽ اها عورت جيڪڏهن ڏوهاري هوندي تہ پنهنجي ڏوهہ جو نتيجو ڀوڳيندي.“


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجيءَ ڀيڻ يعني پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي ڌيءَ سان سمهي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ