لاوي سرشتو 20:12 - Muslim Sindhi Bible12 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ نُنهن جي اوگھڙ ڏسي تہ انهن ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهن بدڪاري ڪئي آهي. سو سندن خون سندن ئي سر تي هوندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ننهن سان سمهندو، تہ اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا: هن اونڌو ڪم ڪيو آهي؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر جيڪڏهن چورايل چوپايو مال هن وٽان جيئرو نڪري، پوءِ اهو ڏاند هجي، گڏهہ هجي يا رڍ هجي، تہ چور اهو ٻيڻو ڀري ڏئي. مطلب تہ چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي. پر جيڪڏهن وٽس ڪجھہ بہ ڪونہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن چور کي رات جو کاٽ هڻندي پڪڙي ۽ ڌڪ لڳڻ سان هو مري پوي، تہ انهيءَ جي خون جو ڏوهہ مٿس نہ رکيو وڃي. پر جيڪڏهن سج اڀرڻ کان پوءِ کيس چوري ڪندي پڪڙي ۽ ماري وجھيس تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي.