Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا متان لڻين، نڪي لاباري وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پنهنجي انگورن جي باغ جا رهجي ويل ڇڳا ٻيهر ڇني گڏ نہ ڪجو، نڪي پنهنجي انگورن جا ڪريل داڻا چونڊي کڻجو. اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جيڪو بہ اهو کائيندو سو پنهنجي سر تي گناهہ کڻندو، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيل شيءِ جي بي‌حرمتي ڪئي آهي. اهڙي ماڻهوءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


بني اسرائيل لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ”جيڪا زمين آءٌ خداوند اوهان کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين هر سال پنهنجي فصل جو پهريون اناج جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو.


جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو، بلڪ اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ ڏينهن پنهنجي نفس کي نہ ماريندو سو قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جڏهن هوءَ سنگ چونڊڻ لاءِ اُٿي هلي ويئي تڏهن بوعز پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”توڙي جو هوءَ سٿرين جي وچ مان سنگ چونڊي تڏهن بہ نہ جھليوس،


هڪڙي ڏينهن رُوت نعوميہ کي چيو تہ ”مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ ٻنيءَ ۾ وڃان ۽ جيڪو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي سنگ ميڙي گڏ ڪريان.“ نعوميہ ورندي ڏنس تہ ”اي منهنجي ڌيءَ! ڀلي وڃ.“


تڏهن بوعز رُوت کي چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجي ڌيءَ! منهنجي ڳالهہ ٻڌ. تون هن ٻنيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ ٻنيءَ ۾ سنگ ميڙڻ نہ وڃ، بلڪ هتي منهنجي نوڪرياڻين سان گڏجي ڪم ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ