Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن اوهين مون خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني ذبح ڪريو، تڏهن اها اهڙيءَ طرح پيش ڪجو جو اها اوهان جي طرفان مون وٽ قبول پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن اوهين خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهيو، تڏهن اها اهڙيءَ طرح چاڙهجو، جو اوهين قبول پئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:5
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حزقياہ بادشاهہ ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمتن جو نئين سر انتظام ڪيو. انهن کي هيڪل جي هر ڪا خدمت ڪرڻي هئي، جنهن ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪرڻيون هيون ۽ هيڪل جي اڳيان خداوند جي شڪرگذاري ۽ سندس واکاڻ جا گيت ڳائڻا هئا.


هن بني اسرائيل جي ڪن جوانن کي موڪليو، جن ساڙڻ واريون قربانيون ڪيون ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن کي ڪهي سلامتيءَ جون قربانيون ڪيون.


ملڪ جو حڪمران جڏهن بہ منهنجي حضور ۾ پنهنجي مرضيءَ سان قربانيءَ طور ساڙڻ واري قرباني يا سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪرڻ چاهي، تڏهن هن لاءِ اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ کوليو وڃي. هو پنهنجيون اهي قربانيون اهڙيءَ طرح پيش ڪري جيئن سبت جي ڏينهن تي پيش ڪندو هجي. تنهن کان پوءِ هو موٽي وڃي ۽ سندس ٻاهر نڪرڻ سان ئي لنگھہ بند ڪيو وڃي.“


حڪمران هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ جي هال ۾ داخل ٿئي ۽ لنگھہ جي اندرين دروازي جي چانئٺ وٽ بيٺو رهي. ڪاهن هن جي طرفان ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪن. تڏهن حڪمران دروازي جي چانئٺ وٽ مون کي سجدو ڪري ۽ پوءِ هو واپس ٻاهر هليو وڃي. اهو لنگھہ شام تائين کُليل رهي.


جيڪڏهن سندس قرباني ڍورن ڍڳن جي ساڙڻ واري قرباني هجي تہ اهو ڍور نر ۽ بي‌عيب هجي. هو انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي پيش ڪري تہ جيئن اهو منهنجي حضور ۾ قبول پوي.


اوهين مون کي ڇڏي بتن ڏانهن نہ ڦرجو ۽ نڪي پنهنجي لاءِ ڌاتوءَ جا پلٽيل معبود بڻائجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جنهن ڏينهن اها قرباني ڪئي وڃي، تنهن ڏينهن يا ان جي ٻئي ڏينهن ان جو گوشت کاڌو وڃي. پر جيڪڏهن ٽئين ڏينهن تائين ڪجھہ بچي پوي تہ انهيءَ کي ساڙيو وڃي.


تہ هو قبول پوڻ واسطي ڍڳن، رڍن يا ٻڪرين مان ڪو بي‌عيب نر پيش ڪري.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي باس واري توڙي خوشيءَ جي قربانيءَ واسطي پنهنجي ڍورن ڍڳن يا رڍن ٻڪرين مان مون خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني طور پيش ڪري، تہ اهو جانور قبول پوڻ لاءِ بلڪل ئي بي‌عيب هجي.


جنهن ڍڳي يا گھيٽي جو ڪو عضوو گھٽ وڌ هجي، سو خوشيءَ جي قربانيءَ طور ڀلي پيش ڪيو وڃي، پر ڪنهن باس جي لاءِ اهو قبول نہ پوندو.


جڏهن اوهين مون خداوند جي شڪراني لاءِ قربانيءَ جو جانور ذبح ڪريو، تڏهن اهڙي قرباني پيش ڪجو جا اوهان جي طرفان قبول پوي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو جانور ڪنهن باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانيءَ طور ذبح ڪري، تہ انهيءَ جو گوشت بہ قرباني ڪرڻ واري ڏينهن کاڌو وڃي، پر جي انهيءَ مان ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ٻئي ڏينهن کائي ڇڏجي.


جيڪڏهن انهيءَ گوشت مان ٽئين ڏينهن تائين ڪجھہ کائبو تہ اها قرباني قبول نہ پوندي، نڪي انهيءَ جو اجورو قرباني ڏيڻ واري کي ملندو، ڇو تہ اهو گوشت حرام آهي ۽ جيڪو انهيءَ مان کائيندو تنهن جو گناهہ انهيءَ جي مٿان پوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ