جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رنزال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بيڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،
اوهين ڪنهن غريب ۽ محتاج مزدور کان ناجائز فائدو نہ وٺجو، پوءِ اهو اوهان جي بني اسرائيل قوم وارن منجھان هجي يا انهن ڌارين مان جيڪي اوهان جي ملڪ جي ڪنهن شهر ۾ رهندا هجن.