Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:32 - Muslim Sindhi Bible

32 اوهين وڏي عمر وارن جي اڳيان انهن جي احترام ۾ اُٿي بيهجو ۽ سندن عزت ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 تون اڇي مٿي واري جي اڳيان اُٿي بيهج، ۽ پير مرد جي عزت ڪج، ۽ خدا کان ڊڄندو رهج: آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:32
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن راخل پنهنجي پيءُ کي چوڻ لڳي تہ ”بابا سائين! ناراض نہ ٿجو جو آءٌ اوهان جي اڳيان اُٿي نہ ٿي سگھان، ڇو تہ آءٌ پنهنجي ڏينهن ۾ آهيان.“ سو لابن بتن جي ڳولا ڪئي پر لهي نہ سگھيو.


تڏهن يوسف انهن کي سندس گوڏن تان پري ڪيو ۽ پاڻ سندس اڳيان زمين تائين جھڪيو.


سو بت‌سبع بادشاهہ سليمان وٽ ادونياہ جي لاءِ ڳالهائڻ ويئي. بادشاهہ اُٿي بيهي کيس کيڪاريو ۽ سندس اڳيان ڪنڌ جھڪائي کيس تعظيم ڏنائين. پوءِ هو پنهنجي تخت تي ويهي رهيو. بادشاهہ پنهنجي ماءُ جي لاءِ هڪڙو ٻيو تخت رکايو ۽ هوءَ بادشاهہ جي ساڄي پاسي انهيءَ تي ويهي رهي.


پر جنهن خداوند اوهان کي پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زورآور هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، تنهن جي ئي عبادت ڪجو. انهيءَ اڳيان سر نوائجو ۽ انهيءَ لاءِ ئي قربانيون پيش ڪجو.


جيئن تہ اليهو انهن سڀني کان ننڍو هو، تنهنڪري هن تيستائين ايوب سان ڳالهائڻ جو انتظار ٿي ڪيو جيستائين هر ڪنهن ڳالهائي بس ڪئي.


تڏهن اليهو ولد براڪيل بوزيءَ کين ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ عمر ۾ ننڍو آهيان ۽ اوهين تمام پيرسن آهيو، انهيءَ ڪري مون ماٺ ڪئي هئي ۽ پنهنجي راءِ ڏيڻ جي جرئت نہ ٿي ڪيم.


ڊگھي ڄمار سچارن جو اجر آهي. هائو، اڇو مٿو عزت ۽ عظمت وارو تاج آهي.


نوجوان پنهنجي جوانيءَ تي ناز ٿا ڪن، مگر ڏاهپ وارا اڇا وار اڃا بہ وڌيڪ خوبصورت آهن.


جن والدين مان اوهين ڄاوا آهيو، تن جي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو ۽ کين سندن ٻڍاپي ۾ نہ ڌڪاريو.


هر ڪو هڪٻئي تي ظلم ڪندو. ٻار وڏي عمر وارن جي عزت نہ ڪندا، ۽ ڪميڻا ماڻهو شريفن سان گستاخي ڪندا.


اسان جي حڪمرانن جا هٿ ٻڌي کين ٽنگيو ويو آهي، ۽ اسان جي بزرگن سان شرمناڪ سلوڪ ڪيو ٿو وڃي.


اوهين ٻوڙي کي ملامت نہ ڪجو، نڪي انڌي جي اڳيان ٿاٻي کائڻ جهڙي ڪا شيءِ رکجو. مون پنهنجي خدا جي خوف ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.


سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن جو احترام ڪرڻ گھرجي تنهن جو احترام ڪريو.


ڪنهن وڏي عمر واري ماڻهوءَ کي ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انهيءَ کي پيءُ وانگر سمجھي نصيحت ڪر ۽ نوجوانن کي ڀائرن وانگر سمجھاءِ.


سڀني جي عزت ڪريو، هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريو، خدا جو خوف رکو ۽ شهنشاهہ جو احترام ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ