Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:25 - Muslim Sindhi Bible

25 پوءِ پنجين سال اوهين ڀلي انهيءَ جو ميوو کائجو. جيڪڏهن اوهين ائين ئي ڪندا تہ انهن وڻن جي پيداوار اوهان لاءِ وڌي ويندي. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ پنجين ورهيہ اوهين ڀلي اُنهي جو ميوو کائجو تہ اوهان جي لاءِ انهن جو ڦل وڌيڪ ٿئي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پنهنجي انگورن جي باغ جا رهجي ويل ڇڳا ٻيهر ڇني گڏ نہ ڪجو، نڪي پنهنجي انگورن جا ڪريل داڻا چونڊي کڻجو. اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


پر چوٿين سال انهن جو سمورو ميوو مون خداوند جي واکاڻ طور پيش ڪرڻ لاءِ اهو مخصوص ڪيو ويندو.


اوهين ڪنهن بہ طرح رت نہ کائجو پيئجو. اوهين نڪي فال ڪڍجو ۽ نہ ڪا جادوگري ڪجو.


اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي تعظيم ڪندو رهي. اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ملهائيندا رهجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اوهين مون کي ڇڏي بتن ڏانهن نہ ڦرجو ۽ نڪي پنهنجي لاءِ ڌاتوءَ جا پلٽيل معبود بڻائجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جيستائين اوهين مون پنهنجي خدا جي لاءِ اها قرباني پيش نہ ڪريو، ايستائين نئين اناج جي نہ ماني کائجو، نڪي ڀُڳل اناج ۽ نہ وري تازا سنگ کائجو. اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ جو قانون هوندو، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ