Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جڏهن اوهين ملڪ ڪنعان ۾ پهچي طرح طرح جي ميون جا وڻ پوکيو، تڏهن انهن جو ميوو ٽن سالن تائين اوهان جي لاءِ حرام هوندو، سو اوهين اهو نہ کائجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ جڏهن اوهين انهي ملڪ ۾ وڃو، ۽ هر ڪنهن قسم جي ميوي جا وڻ پوکيو تہ انهن جو ميوو اوهين اڻ طهريل ڪري ليکجو: ٽي ورهيہ اهو ميوو اوهان جي لاءِ اڻ طهريل وانگر رهندو؛ ۽ اهو کائڻ ۾ نہ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي موسيٰ خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”جڏهن بني اسرائيل ئي منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي تڏهن فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن ٻڌندو؟ خاص ڪري جڏهن تہ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو بہ آهيان.“


پر موسيٰ خداوند کي وراڻيو تہ ”تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان. سو فرعون ڪيئن منهنجي ڳالهہ مڃيندو؟“


مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ جو ساڻن ڳالهايان تہ منهنجي ڪير ٻڌندو؟ آءٌ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان؟ هنن جي ڪنن ۾ ٻجا پيل آهن سو هو ڪونہ ٿا ٻڌن. تو خداوند جي فرمان کان هنن کي چڙ آهي. هنن کي انهيءَ ۾ ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.


اٺين ڏينهن ڇوڪر جو طهر ڪيو وڃي.


”جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آءٌ اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيڻ وارو آهيان ۽ جڏهن اوهان جي انهيءَ ملڪ جي ڪنهن گھر ۾ آءٌ سينور جو مرض وجھان،


ڪاهن انهيءَ قربانيءَ واري گھٽي سان، منهنجي حضور ۾ انهيءَ ماڻهوءَ جي گناهہ لاءِ ڪفارو ادا ڪري. تڏهن کيس پنهنجي گناهہ جي معافي ملندي.


پر چوٿين سال انهن جو سمورو ميوو مون خداوند جي واکاڻ طور پيش ڪرڻ لاءِ اهو مخصوص ڪيو ويندو.


”جڏهن ڪنهن ڳئونءَ، رڍ يا ٻڪريءَ کي ڦر ڄمي تہ اهو ست ڏينهن پنهنجيءَ ماءُ وٽ رهي، انهيءَ کان پوءِ اهو مون خداوند وٽ قبول پوڻ جي لائق ٿيندو تہ انهيءَ کي ساڙي قرباني ڪئي وڃي.


جيستائين اوهين مون پنهنجي خدا جي لاءِ اها قرباني پيش نہ ڪريو، ايستائين نئين اناج جي نہ ماني کائجو، نڪي ڀُڳل اناج ۽ نہ وري تازا سنگ کائجو. اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ جو قانون هوندو، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.“


استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پاڪ روح جي مخالفت ڪندا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ