Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ڪاهن انهيءَ قربانيءَ واري گھٽي سان، منهنجي حضور ۾ انهيءَ ماڻهوءَ جي گناهہ لاءِ ڪفارو ادا ڪري. تڏهن کيس پنهنجي گناهہ جي معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ ڪاهن انهي خطا جي قربانيءَ واري گهٽي سان، هن جي گناهہ جي واسطي، خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري: پوءِ هن کي سندس گناهہ جي معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:22
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اهو ماڻهو پنهنجي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي.


جڏهن اوهين ملڪ ڪنعان ۾ پهچي طرح طرح جي ميون جا وڻ پوکيو، تڏهن انهن جو ميوو ٽن سالن تائين اوهان جي لاءِ حرام هوندو، سو اوهين اهو نہ کائجو.


هو هن وهڙي سان بہ ائين ئي ڪري جيئن پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪبو آهي. اهڙيءَ طرح هو ماڻهن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ انهن کي معافي ملندي.


هو انهيءَ جي سموري چرٻي سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي. اهڙيءَ طرح ڪاهن انهيءَ اڳواڻ جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


پوءِ هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن اها قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي تہ مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گھيٽي جي چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.“


پر جيڪڏهن هن کي گھيٽيءَ يا ٻڪريءَ ڏيڻ جي طاقت نہ هجي تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ