Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي‌انصافي نہ ڪجو، نہ تہ ڪنهن غريب جي پاسخاطري ڪجو، نہ وري ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو لحاظ ڪجو، بلڪ پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي انصافي نہ ڪجو: تون ڪنهن کي غريب سمجهي انهي جي پاس خاطري نہ ڪج، نڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي طرفداري ڪج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:15
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو خدا جي طرفداريءَ جي ڪوشش پيا ڪريو؟ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو عدالت ۾ هن جو مقدمو اوهين وڙهو؟


آءٌ ڪنهن بہ انسان جو لحاظ نہ ڪندس، نڪي ڪنهن ماڻهوءَ جي خوشامند ئي ڪندس.


هو حڪمرانن جي طرفداري نہ ٿو ڪري، نہ ئي دولتمند کي غريب کان وڌيڪ مان ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪو سندس ئي هٿن جي ڪاريگري آهي.


خدا کين چوي ٿو تہ ”اوهين ڪيستائين بي‌انصافي ڪندا رهندءُ؟ ڪيستائين بڇڙن جي طرفداري پيا ڪندا رهندءُ؟


انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر.


بدڪار جي طرفداري ڪرڻ چڱي ڳالهہ ناهي، نڪي عدالت ۾ سچار سان ناانصافي ٿيڻ گھرجي.


ڏاهن جا وڌيڪ قول هي بہ آهن. انصاف ڪرڻ وقت ڪنهن جي بہ طرفداري ڪرڻ نہ گھرجي.


خاموش نہ رهجانءِ ۽ سچائيءَ سان انصاف ڪجانءِ، هائو، غريبن ۽ محتاجن جي حقن جو خاص خيال رکجانءِ.


اوهين ڪنهن بہ فيصلي ڪرڻ وقت ماپ، تور ۽ ڳڻپ ۾ بي‌انصافي نہ ڪجو.


ظاهري ڳالهيون ڏسي فيصلو نہ ڪريو، پر انصاف سان فيصلو ڪريو.“


تڏهن پولس هن کي چيو تہ ”خدا تو کي ئي ڌڪ هڻندو، اي اندر جا ڪارا! تون تہ منهنجو فيصلو شريعت موجب ڪرڻ ويٺو آهين. پوءِ ڇو شريعت جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين؟“


اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو، ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کان نہ ڊڄجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي عدالت ۾ خدا جو قانون رائج آهي. جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي، سو مون وٽ آڻجو تہ آءٌ اهو ٻڌندس.‘


خداوند اوهان جو خدا، اهو ئي معبودن جو خدا ۽ خداوندن جو خداوند آهي، جيڪو عظيم، قادر ۽ هيبتناڪ خدا آهي. هو طرفداري نہ ٿو ڪري، نڪي رشوت ٿو وٺي.


اهي ڪنهن سان ناانصافي نہ ڪن، نڪي ڪنهن جو لحاظ ڪن ۽ نہ وري رشوت وٺن، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي بہ انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرايو ڇڏي.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو يتيم، رن‌زال يا اسان وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق ٿو ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ