Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 19:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪجو، نڪي کانئس ڪجھہ ڦري وٺجو. اوهين مزدور جي مزدوري هڪ رات لاءِ بہ پاڻ وٽ روڪي نہ رکجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪج، نڪي انهيءَ کان ڪي ڦري وٺج: مزدور جي مزدوري سڄي رات، يعني صبح تائين پاڻ وٽ نہ رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 19:13
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇوجو چوڻي آهي تہ ’جيڪو ڪنهن کان پئسا وٺي پنهنجي دوست سان دغا ٿو ڪري، تنهن جي اولاد جي اکين آڏو مصيبتون ئي مصيبتون هونديون.‘


جيڪڏهن مون انهيءَ زمين جو ڪو فصل ڦري کنيو هجي، يا انهيءَ جي ڪڙميءَ کي مون بک ماريو هجي،


جيئن اس ۾ ڪم ڪندڙ ڪو غلام ڇانوَ جي اجائي آرزو رکي ٿو، جيئن ڪو مزدور پنهنجي مزدوريءَ جي ملڻ جو بي‌فائدي انتظار ڪندو هجي،


جيڪڏهن انهيءَ کي جھنگلي جانورن ماري ڇڏيو هجي، تہ ان جو بچيل حصو شاهديءَ جي لاءِ کڻي اچي، پوءِ انهيءَ جي لاءِ کيس عيوضو ڀرڻو نہ پوندو.


پر جيڪڏهن انهيءَ جو مالڪ ساڻس گڏ هوندو تہ پوءِ هن کي عيوضو ڀرڻو نہ پوندو. جيڪڏهن اهو جانور ڀاڙي تي آندل هجي تہ انهيءَ جو نقصان سندس ڀاڙي ۾ اچي ويو.“


اوهين ڪنهن ڌارئي کي نہ ستائجو، نڪي انهيءَ تي ڪو ظلم ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي روڪ پئسا يا ڪو ٻيو سامان امانت‌طور رکڻ لاءِ ڏئي ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گھر مان چورائجي وڃن، تہ پوءِ جيڪڏهن چور هٿ اچي تہ اهو چور انهيءَ کان ٻيڻو عيوضو ڀري ڏئي.


ماپ ۽ تور ۾ بي‌ايماني ڪرڻ کان خداوند کي نفرت آهي.


ڪنهن غريب جي مجبوري ڏسي کيس نہ ڦريو، نڪي ڪنهن مسڪين سان عدالت ۾ ناانصافي ڪري ساڻس ظلم ڪريو.


جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي اڄ ئي مدد ڪري سگھو ٿا تہ انهيءَ کي ائين چئي نہ موٽايو تہ ”سڀاڻي اچجانءِ تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.“


ويل آهي ان لاءِ! جيڪو پنهنجو گھر بي‌ايمانيءَ سان ٺهرائي ٿو، ۽ ظلم ڪندي ماڙيون تعمير ٿو ڪرائي، هائو، جيڪو پنهنجي هم‌وطنن کان بيگار جو ڪم وٺي ٿو، ۽ کين مزدوري نہ ٿو ڏئي.


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رنن‌زالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بي‌گناهہ جو رت وهايو.


هن ڪنهن تي ظلم نہ ڪيو هجي، بلڪ قرضدار کي سندس گروي رکيل شيءِ بہ موٽائي ڏني هجي. هن ڪنهن کي بہ زور زبردستيءَ سان لٽيو ڦريو نہ هجي، بلڪ بکايلن کي پنهنجي مانيءَ مان ڏنو هجي ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪايا هجن.


تو منجھہ رشوت وٺي ماڻهن جو خون وهايو وڃي ٿو ۽ وڏو وياج ۽ ناجائز منافعو ورتو وڃي ٿو. لالچ وچان ظلم زبردستيءَ سان پنهنجي پاڙيسرين کي لٽيو ڦريو وڃي ٿو. مطلب تہ منهنجي حڪمن جي انحرافي ڪندي تنهنجي رهاڪن مون خداوند خدا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.


بني اسرائيل جي ماڻهن پاڻ بہ ظلم ۽ ڦرمار مچائي ڇڏي آهي. هائو، اهي غريبن ۽ محتاجن کي ستائين ٿا ۽ انهن سان گڏ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ٿا ڪن.


جيڪڏهن اوهين پنهنجي قوم واري کي ڪا زمين وڪڻو يا کانئس خريد ڪريو، تہ هڪٻئي جي مجبوريءَ جو ناجائز فائدو نہ وٺجو.


اوهين هڪٻئي سان دوکو نہ ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


يا سندس ڪا گم ٿيل شيءِ لهي ۽ پوءِ نہ مڃي ۽ ڪوڙو قسم بہ کڻي، تہ پوءِ هو انهن سڀني مان ڪنهن هڪڙيءَ ڳالهہ ڪرڻ جي ڪري بہ گنهگار ٿيندو.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


جڏهن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنهنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزدورن کي سڏي کين مزدوري ڏي. پهريائين انهن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انهن کي ڏي جيڪي پهريائين ڪم تي بيٺل هئا.‘


باقي تو کي حڪمن جي تہ خبر آهي تہ ’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘ ’ٺڳي نہ ڪر‘ ۽ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.‘“


تنهن تي انهن کي چيائين تہ ”مقرر اگھہ کان وڌيڪ نہ اُڳاڙيو.“


سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ ايمان وارو پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ خداوند اهڙن سڀني گناهن جي سزا ڏيندو.


پاڪ ڪلام ۾ بہ ائين ئي لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“ اهو بہ لکيل آهي تہ ”مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.“


ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ