Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 18:30 - Muslim Sindhi Bible

30 تنهنڪري اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهجو ۽ انهن مڪروهہ رسمن تي عمل نہ ڪجو جيڪي اوهان کان اڳي ادا ڪيون وينديون هيون. اوهين پاڻ کي انهن جي ڪري پليت نہ ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تنهنڪري اوهين منهنجو حڪم مڃيندا رهجو، انهي لاءِ تہ اوهان کان اڳي جيڪي مڪروهہ رسمون ۽ ڪم ڪيا ويا هئا، تن مان اوهين ڪوبہ نہ ڪريو، ۽ نڪي انهن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 18:30
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀ کان بدترين ڳالهہ هيءَ هئي تہ ڪي مرد انهن پوڄا گھرن ۾ بدفعلي ڪرڻ لاءِ موجود رهندا هئا. يهوداہ وارا بہ اهي ساڳيا ئي بي‌حيائيءَ وارا ڪم ڪرڻ لڳا، جيڪي اهي ماڻهو ڪندا هئا جن کي خداوند بني اسرائيل جي اچڻ وقت هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو.


هن بتن جي پوڄا ڪري تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو هو، جيئن اموري ڪندا هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو.


انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ اڳواڻ مون وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل ڪاهنن ۽ لاوين سميت پنهنجي آس‌پاس رهندڙ غير قومن يعني ڪنعانين، حتين، فرزين، يبوسين، عمونين، موآبين، مصرين ۽ امورين کان پاڻ کي ڌار نہ ڪيو آهي، بلڪ انهن جي ڪراهت جهڙين ڳالهين تي بہ عمل ڪري رهيا آهن.


اوهان کي معلوم هجي تہ جيڪي بہ ماڻهو انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ ڪم ڪندا تہ انهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان ڀڄائي ٿو ڪڍان تن جي ريتن رسمن تي اوهين نہ هلجو، ڇاڪاڻ تہ انهن اهي سڀيئي ڪم ڪيا آهن، تنهنڪري مون انهن کان ڪراهت ڪئي.


سڀيئي ڪاهن منهنجي انهن حڪمن تي عمل ڪن، انهيءَ لاءِ تہ متان انهن تي عمل نہ ڪرڻ سان انهن جي بي‌حرمتي ڪرڻ ڪري قصوروار ٿين ۽ مري پون. آءٌ خداوند آهيان جيڪو کين مخصوص ٿو ڪريان.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا سان پيار ڪريو ۽ هن جي فرمانن تي، قاعدن تي، قانونن تي ۽ سندس حڪمن تي هميشہ عمل ڪندا رهو.


تڏهن اوهين خبردار ٿجو، متان انهن جي برباد ٿيڻ کان پوءِ اوهين بہ انهن جي معبودن جي پٺيان لڳي ڦندي ۾ ڦاسو. هائو، متان انهن جي معبودن بابت پڇا ڪريو تہ ’اهي قومون ڪهڙيءَ طرح پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪنديون هيون، تہ اسين بہ ائين ئي خداوند جي عبادت ڪريون.‘


خبردار! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو، جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي معبودن لاءِ هر اهو ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن کان خدا کي نفرت آهي. ايتري قدر جو انهن پنهنجي معبودن جي نالي تي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ساڙيو آهي.


پوءِ مون پنهنجي سُريت جي لاش کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن ڏانهن هڪ هڪ ٽڪر ڏياري موڪليم، ڇاڪاڻ تہ هنن اسان منجھہ هڪ بڇڙو ۽ شرمناڪ ڪم ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ