Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 18:29 - Muslim Sindhi Bible

29 اوهان کي معلوم هجي تہ جيڪي بہ ماڻهو انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ ڪم ڪندا تہ انهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ڇالاءِ تہ جيڪو انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ ڪندو، تہ اهڙا ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 18:29
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند کين بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ فرمايو تہ ”انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي ستن ڏينهن تائين اوهين بي‌خميري ماني کائجو. اوهين عيد جي پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گھرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين ڪڏهن بہ خميري ماني کائيندو، تہ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


”بني اسرائيل جي ماڻهن مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪنهن بہ طرح رت کائيندو پيئندو، تہ آءٌ خداوند انهيءَ رت کائڻ پيئڻ واري جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.


سو ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين انهيءَ زمين کي پليت ڪريو، تڏهن اها اوهان کي بہ اهڙيءَ ئي طرح اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي، جهڙيءَ طرح اوهان کان اڳ ۾ رهندڙ قومن کي ڪڍي ڇڏيائين.


تنهنڪري اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهجو ۽ انهن مڪروهہ رسمن تي عمل نہ ڪجو جيڪي اوهان کان اڳي ادا ڪيون وينديون هيون. اوهين پاڻ کي انهن جي ڪري پليت نہ ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


جيڪو ماڻهو مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ۽ ڀوپن ڏانهن مائل ٿيندو ۽ انهن جي پيروي ڪري مون سان بي‌وفائي ڪندو، تہ آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪ شيءِ انسان جي هجي يا جانور جي يا ٻي ڪا ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، تہ انهيءَ حالت ۾ جي هو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


خداوند چاهي ٿو تہ هو هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي عهد مان خارج ڪري ڇڏي، جيڪو اهڙو ڪم ڪري، پوءِ اهو کڻي ڪير بہ هجي، توڙي اهو جيڪو قادرِمطلق خداوند لاءِ نذرانو پيش ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ