Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 18:27 - Muslim Sindhi Bible

27 ڇو تہ اوهان کان اڳي جيڪي انهيءَ زمين جا رهاڪو هئا تن اهي سمورا مڪروهہ ڪم ڪيا، جنهن سبب اها زمين پليت ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 (ڇالاءِ تہ جيڪي اوهان کان اڳي انهيءَ زمين جا رهاڪو هئا، تن اهي سڀ مڪروهہ ڪم ڪيا آهن، ۽ اها زمين پليت آهي؛)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 18:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀ کان بدترين ڳالهہ هيءَ هئي تہ ڪي مرد انهن پوڄا گھرن ۾ بدفعلي ڪرڻ لاءِ موجود رهندا هئا. يهوداہ وارا بہ اهي ساڳيا ئي بي‌حيائيءَ وارا ڪم ڪرڻ لڳا، جيڪي اهي ماڻهو ڪندا هئا جن کي خداوند بني اسرائيل جي اچڻ وقت هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو.


اٽلندو هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو. جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو، تن جي ڪراهت جهڙين ريتن رسمن تي عمل ڪندي هن پنهنجي پٽ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪيو.


جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پيروي ڪندي هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


تنهن کان سواءِ هن جي دور ۾ سڄي يهوداہ جي اڳواڻن، ڪاهنن ۽ ٻين ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪئي. سو هنن خداوند جو گھر جيڪو خداوند لاءِ يروشلم ۾ مخصوص ڪيو ويو تنهن جي بي‌حرمتي ڪندي انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو.


اهي مغرور ۽ هٺيليون هيون ۽ اهڙا ڪم ڪنديون هيون جن کان مون کي نفرت هئي. تنهنڪري مون انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيو، جنهن بابت تون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي.


ان کان سواءِ تو منجھہ ڪي پاڙيسرين جي زالن سان بدڪاري ٿا ڪن ۽ ڪي وري پنهنجي ننهن توڙي پنهنجي ماٽيلين ڀينرن سان زناڪاري ڪري کين پليت ڪري ٿا ڇڏين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.


اوهين انهن مان ڪوبہ ڪم ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندس، سي سڀ انهن ڪمن جي ڪري ئي پليت ٿيون.


تنهنڪري اوهين بني اسرائيل توڙي اوهان سان گڏ رهندڙ ڌاريا سڀيئي منهنجي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪجو ۽ انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ نہ ڪجو،


سو ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين انهيءَ زمين کي پليت ڪريو، تڏهن اها اوهان کي بہ اهڙيءَ ئي طرح اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي، جهڙيءَ طرح اوهان کان اڳ ۾ رهندڙ قومن کي ڪڍي ڇڏيائين.


انهيءَ لاءِ تہ متان اهي ڪراهت جهڙا ڪم، جيڪي هنن پنهنجي معبودن لاءِ ڪيا آهن، سي اوهان کي بہ ڪرڻ سيکارين ۽ پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار ٿيو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾، ڪسبياڻيءَ يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان باس نہ آڻجو، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻنهي کان خداوند اوهان جي خدا کي نفرت آهي.


جيڪي ماڻهو اهڙا بي‌ايمانيءَ جا ڪم ٿا ڪن، تن کان خداوند اوهان جي خدا کي نفرت آهي.“


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو تراشي يا پلٽي هٿرادو مورتي جوڙي ٿو، جنهن کان خدا کي نفرت آهي ۽ پوءِ هو انهيءَ کي پوڄا لاءِ ڪنهن لڪل جاءِ تي ٿو رکي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون ’آمين.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ