16 اوهان پنهنجي ڀاڄائيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي ڀاءُ جي عزت آهي.
16 تون پنهنجي ڀاءُ جي زال جو ننگ نہ کولج: اها تنهنجي ڀاءُ جو ننگ آهي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي جيئري سندس زال کي پاڻ سان رهائي ساڻس همبستري ڪندو تہ اهو غليظ ڪم آهي. هن پنهنجي ڀاءُ جي عزت ورتي آهي، سو اهي ٻيئي بياولاد مرندا.
۽ چيائونس تہ ”اي استاد! موسيٰ شريعت ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو بياولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي رنزال پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘
۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان جي لاءِ موسيٰ شريعت ۾ فرمايو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو زال ڇڏي بياولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي رنزال پرڻجي، تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘
هيروديس پاڻ ئي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. هن اهو ڪم هيرودياس جي چوڻ تي ڪيو هو، جيڪا سندس ڀاءُ فلپس جي زال هئي ۽ جنهن سان هن فلپس جي جيئري ئي شادي ڪئي هئي.
پوءِ يحيٰ هيروديس انتپاس کي ملامت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيئري ئي سندس زال هيرودياس سان پرڻيو هو ۽ ٻيا بہ ڪيترائي برا ڪم ڪيا هئائين.
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪي ڀائر گڏ رهندا هجن ۽ انهن مان هڪڙو ريپٽيتو مري وڃي، تہ فوتيءَ جي زال ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ سان وڃي نہ پرڻجي، بلڪ سندس مڙس جو ڀاءُ وٽس وڃي ۽ کيس پنهنجي زال ڪري. ائين هو پنهنجي ڏير هئڻ جو فرض ادا ڪري.