Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 17:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تنهنڪري تون انهن کي چئُہ تہ ’بني اسرائيل جي ماڻهن مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو ساڙڻ واري يا ڪا ٻي قرباني پيش ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ تون انهن کي چئُہ تہ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو بہ ماڻهو سوختني يا ٻي ڪا قرباني پيش ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 17:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ملڪ جي لاءِ دعا ٻڌي ۽ بني اسرائيل قوم تان اها وبا ٽري ويئي.


”بني اسرائيل جي ماڻهن مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪنهن بہ طرح رت کائيندو پيئندو، تہ آءٌ خداوند انهيءَ رت کائڻ پيئڻ واري جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.


يعني انهيءَ کي مون خداوند جي واسطي قرباني ڪرڻ لاءِ مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي ذبح نہ ڪندو تہ انهيءَ ماڻهوءَ تي خون جو الزام ايندو، ڇاڪاڻ تہ هن رت وهايو آهي. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.


اڳتي بني اسرائيل جا ماڻهو ٻڪر جي ڀوتن جي لاءِ پنهنجيون قربانيون نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح هو مون سان بي‌وفائي ٿا ڪن. اهو ئي هنن جي لاءِ سندن پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون ٿيندو.‘


پر انهيءَ کي مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ منهنجي حضور ۾ آڻي ذبح نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.‘“


جيڪڏهن سندس قرباني گھيٽي جي هجي تہ هو اهو مون خداوند جي آڏو آڻي پيش ڪري.


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


پر جڏهن ٻين بني اسرائيل وارن کي ٻڌايو ويو تہ ”بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي ڪنعان جي سرحد تي اردن درياءَ جي ويجھو اسان بني اسرائيل واري پاسي تي قربان‌گاهہ ٺاهي آهي،“


هو جِلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وٽ آيا.


هنن خداوند جي سڄي قوم پاران کين اچي چيو تہ ”اوهان بني اسرائيل جي خدا جي خلاف هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ اڄ ڪيئن اوهان خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي جو خداوند کان باغي ٿي پنهنجي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي اٿوَ؟


پوءِ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ انهيءَ ڊاهيل قربان‌گاهہ جي دڙي جي چوٽيءَ تي قاعدي موجب هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهہ. تنهن بعد يسيرہ مورتين واري ٿنڀي جي وڍيل ڪاٺين سان انهيءَ ڏاند جي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪر.“


تون مون کان اڳ ۾ جِلجال شهر ڏانهن لهي وڃجاءِ، اتي آءٌ تو سان اچي ملندس، انهيءَ لاءِ تہ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪريان. تون ستن ڏينهن تائين اتي ترسجانءِ، جيستائين آءٌ تو وٽ اچان. اتي آءٌ تو کي ٻڌائيندس تہ تو کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي.“


سموئيل وراڻيو تہ ”آءٌ ڪيئن وڃان؟ ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن سائول اها ڳالهہ ٻڌي تہ هو مون کي ماري ڇڏيندو.“ خداوند چيس تہ ”هڪڙي گابي پاڻ سان ڪاهہ ۽ چئج تہ ’آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني ڪرڻ آيو آهيان.‘


تڏهن سموئيل هڪڙو کير پياڪ گھيٽو وٺي اهو سڄو سارو بني اسرائيل جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪيو ۽ بني اسرائيل جي لاءِ دعا گھريائين. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ