هو پنهنجي ڏکن واري زندگيءَ کان پوءِ وري خوشيون ڏسندو. هن کي مون بابت وڏو عرفان حاصل هوندو، سو منهنجو اهو سچار ٻانهو گھڻن ئي کي سچار قرار ڏيندو، ۽ انهن جون خطائون پنهنجي سر تي کڻندو. هائو، هن جي خاطر آءٌ گھڻن ئي کي معاف ڪري ڇڏيندس.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڳيءَ يا ماٽيليءَ ڀيڻ کي پاڻ سان رهائيندو ۽ اُهي هڪٻئي جي اوگھڙ ڏسندا، تہ اها تمام شرم جهڙي ڳالهہ آهي. سو انهن ٻنهي کي پوريءَ قوم آڏو ظاهر ظهور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ماڻهوءَ پنهنجي ڀيڻ جي عزت ورتي آهي. سندس گناهہ سندس ئي سر تي هوندو.
هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.