لاوي سرشتو 17:15 - Muslim Sindhi Bible15 بني اسرائيل مان يا ساڻن گڏ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي موت مئل يا جھنگلي جانورن جي ڦاڙيل ڪنهن ساهواري کي کائيندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو، تنهن کان پوءِ پاڪ ٿيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible15 ۽ جيڪو ساهوارو پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانور ڦاڙين، تنهن کي جيڪو کائيندو، پوءِ اهو ماڻهو اوهان جي ملڪ جو هوندو، يا پرديسي هوندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: تنهن کان پوءِ هو پاڪ ٿيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪو بہ ماڻهو چئن پيرن وارن جانورن مان هنن جانورن جي مڙهن کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي سڀ جانور جن جا کُر چيريل نہ آهن يا جيڪي نہ ٿا اوڳارين ۽ اهي سڀيئي جانور جيڪي پنهنجن چنبن تي هلن ٿا. اهي سڀ اوهان جي لاءِ حرام آهن. جيڪو بہ انهن جي مڙهن کي کڻندو سو ضرور پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.