Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 17:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جيئن تہ هر ساهواري شيءِ جي زندگي انهيءَ رت ۾ آهي، تنهنڪري ئي مون اوهان جي زندگين جي ڪفاري لاءِ اهو رت قربان‌گاهہ تي رکايو آهي. اهو رت ئي تہ آهي جنهن سان ڪنهن جي زندگيءَ جو ڪفارو ادا ڪجي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو بدن جي زندگي رت ۾ آهي: ۽ اها مون اوهان کي قربانگاهہ تي ڏني آهي، تہ اوهان جي روحن جي لاءِ ڪفارو ٿئي: ڇالاءِ جو اهو رت ئي آهي، جنهن جي ڪري زندگيءَ جو ڪفارو ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 17:11
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هڪ شيءِ جيڪا اوهان کي کائڻي ناهي، سا آهي رت سوڌو گوشت، ڇاڪاڻ تہ رت جان آهي.


پوءِ هو انهيءَ وهڙي کي اتي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. هارون جا پٽ جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙو رت کڻي انهيءَ قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي، جيڪا مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ در وٽ آهي.


جڏهن هارون پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي کي آڻي، پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ڪفاري لاءِ انهيءَ کي ذبح ڪري،


اهو ئي سبب آهي جو آءٌ خداوند بني اسرائيل کي چوان ٿو تہ ڪوبہ رت نہ کائي پيئي، نہ ئي وري اوهان جي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو اهو کائي پيئي.


اهو انهيءَ ڪري جو هر ساهواري شيءِ جي زندگي سندس رت ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ بني اسرائيل کي چوان ٿو تہ ’اوهين ڪنهن بہ ساهواري جو رت نہ کائجو پيئجو، ڇو تہ اها سندس زندگي آهي. سو جيڪو بہ اهو کائيندو پيئندو تنهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.‘


ڪاهن انهيءَ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


هو انهيءَ جي سموري چرٻي سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي. اهڙيءَ طرح ڪاهن انهيءَ اڳواڻ جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربان‌گاهہ جي چئني سڱن تي لڳائي قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪيائين. باقي رت هن قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ جو ڪفارو ڏنو تہ جيئن اها مخصوص ٿئي.


ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


هي منهنجو رت آهي، جيڪو گھڻن ئي جي گناهن جي معافيءَ لاءِ وهائجي ٿو ۽ جنهن سان خدا جو عهد ٻڌجي ٿو.


تڏهن عيسيٰ چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان خدا جو عهد ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو.


خدا عيسيٰ کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي قربانيءَ جي ڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنهن جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. خدا ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي خدا بردباري ڪندي ماڻهن جي گناهن کي درگذر ٿي ڪيو،


هاڻ جڏهن هن جي قربانيءَ جي وسيلي اسين خدا ڏانهن سچار بڻايا وياسين، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو اسين مسيح جي وسيلي خدا جي غضب کان بچي وينداسين.


انهيءَ فرزند ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو خدا جي انهيءَ فضل جي دولت موجب آهي،


رڳو ايتري خبرداري ڪجو جو رت نہ کائجو پيئجو، ڇاڪاڻ تہ رت حياتي آهي. سو اوهين گوشت سان گڏ حياتيءَ کي نہ کائجو.


جنهن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو، يعني گناهن جي معافي ملي آهي.


خدا جي مرضي اها بہ هئي تہ صليب تي وهايل مسيح جي رت جي وسيلي ميل ميلاپ ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان رابطو بحال ڪري، پوءِ اهي زمين تي هجن توڙي آسمان ۾.


ساڳئي نموني عيسيٰ بہ شهر جي دروازي جي ٻاهران تڪليف سهي جان ڏني، تہ جيئن پنهنجي رت جي وسيلي پنهنجي چونڊيل ماڻهن کي مخصوص ۽ پاڪ ڪري.


حقيقت ۾ شريعت موجب تقريباً هر شيءِ کي رت سان ئي پاڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين رت نہ ٿو وهايو وڃي تيستائين معافي بہ نہ ٿي ملي.


خدا پيءُ پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ ڪيا وڃو. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رهي.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. عيسيٰ مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏنو آهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ