Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 17:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ”بني اسرائيل جي ماڻهن مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪنهن بہ طرح رت کائيندو پيئندو، تہ آءٌ خداوند انهيءَ رت کائڻ پيئڻ واري جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، تہ انهي رت کائڻ واري ماڻهوءَ کان آءٌ پنهنجو منهن ڦيرائيندس، ۽ انهن کي سندس قوم مان تباهہ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 17:10
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هڪ شيءِ جيڪا اوهان کي کائڻي ناهي، سا آهي رت سوڌو گوشت، ڇاڪاڻ تہ رت جان آهي.


پاڻي هاريندي هن چيو تہ ”اي خداوند! ائين ڪيئن ٿي سگھي ٿو جو آءٌ اهو پيئان؟ اهو تہ انهن ماڻهن جي رت پيئڻ جي مثال آهي، جيڪي پنهنجيون جانيون خطري ۾ وجھي اهو کڻي آيا آهن.“ سو هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي وڏن بهادرن جا اهي ئي ڪارناما هئا.


خداوند هر بدڪار جو مخالف آهي، تان‌تہ انهن جي يادگيريءَ کي ڌرتيءَ تان ئي مِٽائي ڇڏي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ هن شهر کي فائدي جي بدران نقصان رسايان. هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون اوهان تي مصيبت آڻڻ ۽ سڄي يهوداہ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.


جواب هي آهي تہ آءٌ انهيءَ جي خلاف ٿي بيهندس ۽ انهيءَ کي عبرت جو نشان ۽ هڪڙو پهاڪو بڻائي ڇڏيندس. آءٌ پنهنجي قوم منجھان سندس نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس. پوءِ اوهان مان هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


هائو، آءٌ انهن کي سزا ڏيندس. انهن مان ڪي باهہ مان نڪري ڀڄي ويا پر هاڻي باهہ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. جڏهن آءٌ انهن کي سزا ڏيندس تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


سو اي حزقي‌ايل! تون انهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اي باقي بچي ويل رهاڪؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ هي ملڪ اوهان جو آهي؟ جڏهن تہ اوهين اڃا تائين انهيءَ ملڪ ۾ رت سميت گوشت کائو ٿا، بتن جي پوڄا ٿا ڪريو ۽ خونريزي ڪندا ٿا رهو.


اوهان منهنجي لاءِ پيش ڪيل خوراڪ يعني قربانين واري چرٻي ۽ رت پيش ڪرڻ وقت پاڻ سان گڏ مون کي نہ مڃيندڙ اڻ‌طهريلن ماڻهن کي منهنجي مقدس هيڪل جي چوديواريءَ اندر وٺي آڻي منهنجي هيڪل کي پليت ڪيو آهي. اوهان پنهنجا اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪري مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.


جيئن تہ هر ساهواري شيءِ جي زندگي انهيءَ رت ۾ آهي، تنهنڪري ئي مون اوهان جي زندگين جي ڪفاري لاءِ اهو رت قربان‌گاهہ تي رکايو آهي. اهو رت ئي تہ آهي جنهن سان ڪنهن جي زندگيءَ جو ڪفارو ادا ڪجي ٿو.


اوهين ڪنهن بہ طرح رت نہ کائجو پيئجو. اوهين نڪي فال ڪڍجو ۽ نہ ڪا جادوگري ڪجو.


آءٌ اوهان جي خلاف ٿي ويندس، تڏهن اوهين پنهنجن دشمنن اڳيان شڪست کائيندا. جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا ۽ ڪو اوهان جو پيڇو نہ بہ ڪندو هوندو، تہ بہ اوهين ڀڄندا وتندا.


سو بني اسرائيل جو ڪوبہ ماڻهو رت ۽ چرٻي هرگز نہ کائي. اهو اوهان سڀني لاءِ، جتي بہ اوهين رهو ٿا اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو.“


جيڪڏهن سندن دشمن کين جلاوطن ڪري وٺي وڃن، تڏهن بہ اُتي آءٌ کين قتل ڪرائي ڇڏيندس. مون انهن جي مدد ڪرڻ جو نہ، بلڪ کين برباد ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.“


پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين.


تہ اوهين اهو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي قربان ڪيو ويو هجي، رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏهن اوهين انهن ڳالهين کان پاسو ڪندا تہ اها اوهان لاءِ چڱي ڳالهہ آهي. شل سدائين سلامت رهو.“


مگر اوهين رت هرگز نہ کائجو پيئجو، بلڪ اهو پاڻيءَ وانگر زمين تي هاري ڇڏجو.


رڳو ايتري خبرداري ڪجو جو رت نہ کائجو پيئجو، ڇاڪاڻ تہ رت حياتي آهي. سو اوهين گوشت سان گڏ حياتيءَ کي نہ کائجو.


پر انهيءَ جو رت هرگز نہ کائجو پيئجو، بلڪ اهو پاڻيءَ وانگر زمين تي هاري ڇڏجو.“


تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو، عهد جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پاڪ ڪيو ويو هو ۽ فضل بخشيندڙ روح جي بي‌حرمتي ڪيائين!


تڏهن هنن جيڪو لٽ جو مال هٿ ڪيو هو تنهن تي اچي ٽٽا ۽ رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن کي اتي ئي زمين تي ذبح ڪري انهن جو گوشت رت سميت کائڻ لڳا.


پوءِ سائول کي خبر ڏني ويئي تہ ”ماڻهو خداوند جو گناهہ ٿا ڪن، جو گوشت رت سميت ٿا کائين.“ تڏهن سائول چيو تہ ”هنن اهو دغابازيءَ وارو ڪم ڪيو آهي. هاڻي اوهين هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي مون وٽ آڻيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ