Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:34 - Muslim Sindhi Bible

34 اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو تہ بني اسرائيل جي سڀني گناهن جي لاءِ سال ۾ هڪڙو دفعو ڪفارو ادا ڪيو وڃي.“ سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو، تہ سال ۾ هڪڙو ڀيرو بني اسرائيل جي لاءِ، سندن سڀني گناهن جي سبب ڪفارو ڪيو وڃي، سو هن ائين ئي ڪيو جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:34
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ انهيءَ پردي جي ٻاهران جيڪو عهد واري صندوق اڳيان هوندو، هارون ۽ سندس پٽَ سانجھيءَ کان صبح تائين شمعدان کي منهنجي حضور ۾ ٻريل رکن. اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ تائين جاري رهندو.“


سال ۾ هڪ دفعو هارون انهيءَ قربان‌گاهہ جي سڱن تي ڪفاري وارو رت هاري ان کي پاڪ ڪري، ڇاڪاڻ تہ اها قربان‌گاهہ مون خداوند جي لاءِ ئي مخصوص آهي. اوهان جي سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو دفعو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو رت، جيڪو ڪفاري واسطي آهي، تنهن سان قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪيو وڃي.“


موسيٰ انهيءَ سموري ڪم کي پنهنجيءَ نظر مان ڪڍيو ۽ ڏٺائين تہ هنن سڀ ڪجھہ خداوند جي حڪم مطابق ڪيو آهي، تڏهن کين دعا ڪيائين.


”تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي، تہ متان مري نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحمت جي پوش مٿان ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندو آهيان.


انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪفاري جو ڏينهن آهي، جنهن تي مون خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ اوهان جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيو ويندو.


انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ جو قانون هوندو، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.


جڏهن موسيٰ بني اسرائيل کي اهو سڀ ٻڌايو، تڏهن هو انهيءَ لعنت ڪندڙ کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وٺي ويا ۽ کيس سنگسار ڪيائون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


سو بني اسرائيل جو ڪوبہ ماڻهو رت ۽ چرٻي هرگز نہ کائي. اهو اوهان سڀني لاءِ، جتي بہ اوهين رهو ٿا اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو.“


”انهيءَ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. انهيءَ ڏينهن تي اوهين پنهنجي خواهشن کي روڪجو ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو.


سو هن هڪڙي قرباني چاڙهڻ سان انهن کي هميشہ جي لاءِ خدا وٽ ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي مخصوص ۽ پاڪ ڪيا ويا آهن.


پر ان جي بدران اهي قربانيون هر سال ماڻهن کي سندن گناهن جي ياد ڏيارين ٿيون.


زمين واري خيمي جو سردار ڪاهن هر سال مقدس ترين جاءِ ۾ پنهنجو نہ پر جانورن جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري قربان ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،


پر ٻئي ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو هو. سو بہ انهيءَ رت کڻي وڃڻ کان سواءِ نہ ويندو هو، جيڪو هو پنهنجي ۽ پنهنجي قوم وارن جي اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪيل گناهن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ