25 هو پاڪ ٿيڻ واسطي ڪيل قربانيءَ واري چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.
25 ۽ گناهہ جي قربانيءَ جي چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.
پوءِ اها سموري چرٻي جيڪا آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان هوندي آهي ۽ جيري جو پردو، ٻئي بڪيون ۽ مٿن لڳل چرٻي کڻي قربانگاهہ تي ساڙي ڇڏج.
ان بعد هو پاڻ ڪنهن پاڪ جڳهہ تي ويهي وهنجي ۽ پنهنجا عام ڪپڙا پائي ٻاهر اچي. پوءِ هو پنهنجي ۽ قوم جي ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري ۽ قوم جي طرفان بہ اهڙي قرباني پيش ڪري.
جيڪو ماڻهو ڇڏي ڏيڻ واري ٻڪر کي بيابان ۾ ڇڏي اچي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، پوءِ هو ڀلي خيميگاهہ ۾ داخل ٿئي.
پوءِ هارون پنهنجي لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور وهڙو پيش ڪري تہ جيئن پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري.
هو سلامتيءَ واري قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن،
پوءِ هو انهيءَ وهڙي جي سموري چرٻي ڪڍي، انهيءَ کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.